Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 7:10 - Muslim Sindhi Bible

10 قربان‌گاهہ جي مسح ٿيڻ واري ڏينهن تي سردارن انهيءَ جي مخصوصيت ملهائڻ لاءِ پڻ نذرانا آندا ۽ اهي قربان‌گاهہ جي اڳيان پيش ڪيائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ۽ جنهن ڏينهن قربانگاهہ مسح ڪئي ويئي، تنهن ڏينهن سردارن انهيءَ جي مخصوصيت لاءِ نذرانا پيش ڪيا: يعني سردارن قربانگاهہ جي اڳيان پنهنجي پنهنجي قرباني آندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 7:10
12 Iomraidhean Croise  

سليمان خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيون، جن ۾ هن ٻاويهہ هزار ڍور ڍڳا ۽ هڪ لک ويهہ هزار رڍون ٻڪريون ذبح ڪيون. اهڙيءَ طرح بادشاهہ ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن خداوند جو گھر مخصوص ڪيو.


سليمان خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيون، جن ۾ هن ٻاويهہ هزار ڍور ڍڳا ۽ هڪ لک ويهہ هزار رڍون ٻڪريون ذبح ڪيون. اهڙيءَ طرح بادشاهہ ۽ بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن خداوند جو گھر مخصوص ڪيو.


هنن قربان‌گاهہ کي مخصوص ڪرڻ ۾ ست ڏينهن لڳايا ۽ ست ڏينهن وڌيڪ عيد ملهايائون. پندرهين ڏينهن تي خدا جي عبادت لاءِ هنن گڏجاڻي ڪئي.


يروشلم شهر جي ڀتين جي وقف ڪرڻ وقت لاوين کي سندن رهڻ وارن هنڌن تان ڳولي يروشلم ۾ آندو ويو، تہ جيئن هو يروشلم ۾ حاضر ٿي وقف ڪرڻ واري انهيءَ رسم کي خوشيءَ ۽ شڪرگذاريءَ سان ٽلين ۽ تارن وارا ساز وڄائيندي بجا آڻين.


انهيءَ ڏينهن تي ماڻهن خوشيون ڪندي وڏيون قربانيون پيش ڪيون، ڇو تہ خدا کين تمام وڏي خوشي عطا ڪئي هئي. عورتن ۽ ٻارن پڻ خوشي ملهائي. يروشلم ۾ خوشيءَ جو آواز پري پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي آيو.


اي خداوند! تنهنجي واکاڻ هجي، ڇوجو تو مون کي سرفراز ڪيو آهي. تو منهنجي دشمنن کي مون تي خوش ٿيڻ ڪين ڏنو آهي.


جڏهن موسيٰ مقدس خيمو کوڙي بس ڪئي تڏهن خيمي کي، انهيءَ جي سموري سامان کي، قربان‌گاهہ کي ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي مسح ڪري مخصوص ڪيائين.


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”سردارن کي چئُہ تہ انهن مان هر هڪ سردار هڪ هڪ ڏينهن قربان‌گاهہ جي مخصوصيت لاءِ پنهنجو نذرانو پيش ڪري.“


قربان‌گاهہ کي مسح ڪرڻ واري ڏينهن تي مخصوصيت ملهائڻ لاءِ بني اسرائيل جي اڳواڻن جيڪي نذرانا ڏنا تن جو جوڙ هن ريت آهي:


چوويهہ ڏاند، سٺ گھٽا، سٺ ٻڪر ۽ سٺ هڪسالا گھيٽا سلامتيءَ واري قربانيءَ لاءِ هئا. قربان‌گاهہ کي مسح ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ جي مخصوصيت ملهائڻ لاءِ اهي نذرانا آندا ويا.


پوءِ عملدار ماڻهن کي مخاطب ٿي چون تہ ’اوهان مان جنهن ماڻهوءَ نئون گھر جوڙايو هجي ۽ خيرات ڪري انهيءَ ۾ اڃا رهڻ شروع نہ ڪيو هجائين تہ اهو پنهنجي گھر ڏانهن موٽي وڃي، انهيءَ لاءِ تہ متان اهو جنگ ۾ مارجي وڃي ۽ ڪو ٻيو ماڻهو انهيءَ گھر ۾ رهڻ شروع ڪري.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan