Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 7:1 - Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن موسيٰ مقدس خيمو کوڙي بس ڪئي تڏهن خيمي کي، انهيءَ جي سموري سامان کي، قربان‌گاهہ کي ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي مسح ڪري مخصوص ڪيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ عبادت وارو خيمو کڙو ڪري چڪو، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي سموري سامان کي مسح ڪري پاڪ ڪيائين، ۽ قربانگاهہ کي، ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي بہ مسح ڪري پاڪ ڪيائين؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 7:1
15 Iomraidhean Croise  

هن ستين ڏينهن کي برڪت ڏني ۽ انهيءَ کي پاڪ ڏينهن قرار ڏنائين، ڇو تہ انهيءَ ڏينهن خدا پيدا ڪرڻ جي ڪم کان فارغ ٿيو.


انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي اڱڻ جو وچ وارو حصو جيڪو خداوند جي گھر جي اڳيان هو تنهن کي بادشاهہ مخصوص ڪيو ۽ اتي هن ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون ۽ سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي پيش ڪئي، ڇاڪاڻ تہ پتل جي قربان‌گاهہ جيڪا خداوند جي حضور ۾ هئي سا انهن قربانين لاءِ تمام ننڍي هئي.


”بني اسرائيل ۾ جيڪي پهريتا پٽ ڄمن، سي سڀ منهنجي لاءِ وقف ڪج. ماڻهن جا پهريتا پٽ توڙي جانورن جا پهريتا نر ٻچا، اهي سڀ منهنجا آهن.“


تون هر روز پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو وهڙو پنهنجي ڪفاري طور قربان ڪري قربان‌گاهہ کي پاڪ ڪج، پوءِ مٿس تيل مکي انهيءَ کي مخصوص ڪج.


تون حوض ۽ انهيءَ جي گھوڙيءَ کي بہ مسح ڪج، تہ جيئن اهو مخصوص ٿئي.


”تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ هو تو کي پنهنجن اباڻن قبيلن مان هر هڪ سردار جي لٺ ڏين. ڪل ٻارهن لٺيون هجن. پوءِ تون هر هڪ ماڻهوءَ جي لٺ تي سندس نالو لک.


قربان‌گاهہ جي مسح ٿيڻ واري ڏينهن تي سردارن انهيءَ جي مخصوصيت ملهائڻ لاءِ پڻ نذرانا آندا ۽ اهي قربان‌گاهہ جي اڳيان پيش ڪيائون.


قربان‌گاهہ کي مسح ڪرڻ واري ڏينهن تي مخصوصيت ملهائڻ لاءِ بني اسرائيل جي اڳواڻن جيڪي نذرانا ڏنا تن جو جوڙ هن ريت آهي:


چوويهہ ڏاند، سٺ گھٽا، سٺ ٻڪر ۽ سٺ هڪسالا گھيٽا سلامتيءَ واري قربانيءَ لاءِ هئا. قربان‌گاهہ کي مسح ڪرڻ کان پوءِ انهيءَ جي مخصوصيت ملهائڻ لاءِ اهي نذرانا آندا ويا.


اوهين ڪيڏا نہ انڌا آهيو! ڪهڙو وڌيڪ درجو ٿو رکي، نذر يا قربان‌گاهہ، جيڪا نذر کي پاڪ ٿي ڪري؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan