Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 6:9 - Muslim Sindhi Bible

9 جيڪڏهن انهيءَ جي ڀرسان ڪو ماڻهو اوچتو مري پوي ۽ وقف ٿيل مٿي کي ناپاڪ ڪري وجھي، تہ پوءِ هو ستين ڏينهن يعني سندس پاڪ ٿيڻ واري ڏينهن تي پنهنجو مٿو ڪوڙائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ۽ جيڪڏهن انهي جي ڀر سان ڪو ماڻهو اوچتو مري پوي، ۽ سندس مڃتا وارو مٿو ناپاڪ ٿي پوي، تہ هو پنهنجي پاڪ ٿيڻ واري ڏينهن پنهنجو مٿو ڪوڙائي، يعني ستين ڏينهن اُهو ڪوڙائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 6:9
11 Iomraidhean Croise  

تنهن کان پوءِ جڏهن هو خدمت ڪرڻ لاءِ هيڪل جي اندرين اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ وڃي، تڏهن هو پهريائين پنهنجي لاءِ گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قرباني پيش ڪري. پوءِ هو ٻيهر ڪاهن طور هيڪل جي عمارت ۾ منهنجي خدمت ڪري سگھي ٿو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.


ان کان علاوہ جيڪو ماڻهو پاڪ ٿيڻو آهي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ سمورا وار ڪوڙائي وهنجي، تڏهن هو پاڪ ٿيندو. انهيءَ کان پوءِ هو خيمي‌گاهہ ۾ اچي، پر ستن ڏينهن تائين هو پنهنجي خيمي کان ٻاهر رهي.


ستين ڏينهن هو پنهنجي مٿي جا سڀ وار، ڏاڙهي، ڀرؤن ۽ پنهنجي سڄي بدن جا باقي وار ڪوڙائي. پوءِ هو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي ۽ وهنجي، تڏهن هو پاڪ ٿيندو.


ناذير مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ پنهنجو وقف ٿيل مٿو ڪوڙائي ۽ مٿي جا وار کڻي ان ٻرندڙ باهہ تي رکي جنهن تي سلامتيءَ واري قرباني ساڙي وڃي ٿي.


وقف هجڻ وارا سڀ ڏينهن هو مون خداوند جي لاءِ مخصوص آهي.


ان کان پوءِ بہ پولس ڪيترائي ڏينهن ڪرنٿس ۾ رهيو. پوءِ ايمان وارن کان موڪلائي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي پرسڪلا ۽ اڪولا سان گڏ شام صوبي ڏانهن روانو ٿيو. سفر کان اڳ هن بندرگاهہ واري شهر ڪنخريا ۾ پنهنجو مٿو ڪوڙايو، ڇاڪاڻ تہ هن هڪ باس باسي هئي.


جڏهن پاڪ ٿيڻ جا اهي ست ڏينهن پورا ٿيڻ تي هئا، تڏهن آسيا صوبي جي ڪن يهودين پولس کي هيڪل ۾ ڏٺو. سو هنن سڄي خلق کي ڀڙڪائي اچي کيس پڪڙيو.


تہ اهو انهيءَ کي پنهنجي گھر ۾ وٺي اچي ۽ هن جو مٿو ڪوڙائي ۽ ننهن لهرائي ڇڏي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan