8 وقف هجڻ وارا سڀ ڏينهن هو مون خداوند جي لاءِ مخصوص آهي.
8 پرهيزگاريءَ وارا سڀ ڏينهن هو خداوند جي لاءِ پاڪ آهي.
توڙي جو هن جو پيءُ، ماءُ، ڀاءُ يا ڀيڻ مري، تہ بہ هو پاڻ کي موت جي رسمن ۾ ناپاڪ نہ ڪري، ڇاڪاڻ تہ مون خداوند لاءِ وقف هجڻ جي نشاني سندس مٿي تي آهي.
جيڪڏهن انهيءَ جي ڀرسان ڪو ماڻهو اوچتو مري پوي ۽ وقف ٿيل مٿي کي ناپاڪ ڪري وجھي، تہ پوءِ هو ستين ڏينهن يعني سندس پاڪ ٿيڻ واري ڏينهن تي پنهنجو مٿو ڪوڙائي.
مون اها دعا هن ٻار جي لاءِ گھري هئي. خداوند کان جيڪا مراد گھري هئم، سا هن پوري ڪئي آهي.
تنهنڪري آءٌ هن کي خداوند جي لاءِ وقف ٿي ڪريان. هن کي سندس سڄي حياتيءَ لاءِ خداوند کي ٿي ڏيان.“ پوءِ هوءَ سموئيل کي اتي خداوند جي حضور ۾ ڇڏي هلي ويئي.