Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 6:5 - Muslim Sindhi Bible

5 هو پنهنجي وقف ٿيڻ واري باس جي ڏينهن ۾ پنهنجي مٿي ۽ منهن تي پاڪي نہ گھمرائي. جيستائين اهي ڏينهن پورا نہ ٿين جن لاءِ هن پاڻ کي مون خداوند لاءِ وقف ڪيو آهي، تيستائين هو پاڪ رهي ۽ پنهنجي مٿي جا وار وڌڻ ڏئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 هو پنهنجي مڃتا جي پرهيزگاريءَ واري عرصي ۾ پنهنجي مٿي تي پاڪي نہ گهمائي، جيسين ڪ اهي ڏينهن پورا ٿين، جن ۾ هن پاڻ کي خداوند جي لاءِ نذير ڪيو هجي. هو انهي عرصي ۾ پاڪ رهي، ۽ پنهنجي مٿي جا وار وڌڻ ڏئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 6:5
9 Iomraidhean Croise  

ڪاهن نڪي پنهنجا مٿا ڪُوڙائين ۽ نہ ئي وري وارن کي وڏو ٿيڻ ڏين، بلڪ هو پنهنجي مٿي جي وارن کي رڳو ڪترائين.


جيستائين هو ناذيري بڻيو رهي تيستائين اهڙي ڪابہ شيءِ نہ کائي جيڪا انگورن مان ٺهيل هجي، ٻج کان وٺي کل تائين.


ان کان پوءِ بہ پولس ڪيترائي ڏينهن ڪرنٿس ۾ رهيو. پوءِ ايمان وارن کان موڪلائي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي پرسڪلا ۽ اڪولا سان گڏ شام صوبي ڏانهن روانو ٿيو. سفر کان اڳ هن بندرگاهہ واري شهر ڪنخريا ۾ پنهنجو مٿو ڪوڙايو، ڇاڪاڻ تہ هن هڪ باس باسي هئي.


انهيءَ سبب جو تون پيٽ سان ٿي جيڪو پٽ ڄڻيندينءَ سو ڄائي ڄم کان ناذير يعني خدا لاءِ وقف ٿيندو، تنهنڪري سندس مٿي ۽ منهن جا وار ڪڏهن بہ نہ ڪوڙايا وڃن. هو بني اسرائيل کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائڻ شروع ڪندو.“


تڏهن سمسون کيس دل جي ڳالهہ کولي ٻڌائي تہ ”منهنجي مٿي ۽ منهن تي ڪڏهن بہ پاڪي نہ گھمي آهي، ڇاڪاڻ تہ ڄائي ڄم کان آءٌ خدا جو ناذير آهيان. سو جيڪڏهن منهنجا وار ڪوڙيا ويندا تہ منهنجي طاقت مون مان نڪري ويندي ۽ آءٌ ڪمزور ٿي عام ماڻهوءَ جهڙو ٿي پوندس.“


دليلہ سمسون کي پنهنجي گوڏن تي سمهاريو، جڏهن کيس ننڊ اچي ويئي تڏهن هن هڪڙو ماڻهو گھرايو، جنهن سمسون جي مٿي جون ست چڳون ڪوڙيون. اهڙيءَ طرح هو تابع ٿي ويو، ڇو‌جو هن جي طاقت منجھانئس نڪري ويئي هئي.


هن باس باسيندي چيو تہ ”اي قادرِمطلق خداوند! پنهنجي ٻانهيءَ جي دکي حال تي نظر ڪر، پنهنجي ٻانهيءَ کي ياد ڪر، وساري نہ ڇڏ. جيڪڏهن تون پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ عطا ڪندين تہ آءٌ انهيءَ کي سڄي حياتيءَ لاءِ تو خداوند جي وقف ڪنديس ۽ انهيءَ جي مٿي ۽ منهن تي ڪڏهن بہ پاڪي نہ گھمندي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan