Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 6:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تہ پاڻ کي مئي ۽ ٻين نشيدار شين کان پري رکي. هو مئي جو سرڪو يا ٻي نشي واري شيءِ جو سرڪو نہ پيئي. هو نڪي ڪنهن بہ قسم جي انگوري رس پيئي ۽ نہ وري انگور يا ڪشمش کائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 تڏهن هو پاڻ کي شراب ۽ نشيدار شين کان پري رکي؛ هو شراب جو سرڪو، يا ٻيءَ نشي واريءَ شيءِ جو سرڪو نہ پئي، نڪي ڊاک جو رس پئي، نڪي تازي يا سڪل ڊاک کائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 6:3
15 Iomraidhean Croise  

”تون ۽ تنهنجا پٽ مئي يا ڪا ٻي نشي واري شيءِ پي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ داخل نہ ٿجو، نہ تہ اوهين مري ويندا. اوهان جي سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ اهو هڪڙو قانون هوندو.


مون اوهان مان ڪي نبي ۽ ڪي ناذيري بڻايم. پوءِ اي اسرائيل وارؤ! مون کي ٻڌايو تہ ڇا اهو سچ ناهي؟


پر اوهان ناذيرين کي مئي پيئاريو، ۽ نبين کي منهنجي پيغام ٻڌائڻ کان منع ڪئي.


جيستائين هو ناذيري بڻيو رهي تيستائين اهڙي ڪابہ شيءِ نہ کائي جيڪا انگورن مان ٺهيل هجي، ٻج کان وٺي کل تائين.


خداوند جي حضور ۾ هو عظيم هوندو. هو نہ مئي پيئندو ۽ نڪو شراب واپرائيندو. هو ماءُ جي پيٽان ئي پاڪ روح سان ڀريل هوندو.


”تنهنڪري پاڻ کي سنڀاليو، متان اوهان جون دليون هٻڇ، نشي ۽ هن حياتيءَ جي فڪرن ۾ ڦاسي پون ۽ اوچتو ئي اوچتو ابنِ آدم جي اچڻ جو اهو ڏينهن اوهان جي مٿان اچي ڪڙڪي.


مئي پي الوٽ نہ ٿيو، ڇوجو انهيءَ سان بي‌احتياطي پيدا ٿئي ٿي. پر اٽلندو پاڻ ۾ زبور، گيت ۽ روحاني راڳ دل سان خداوند جي واکاڻ ۾ ڳائيندي وڄائيندي پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندا وڃو.


۽ هر قسم جي برائيءَ کان پاسو ڪريو.


معدي ۾ تڪليف ۽ اڪثر بيمار رهڻ جي ڪري هاڻي رڳو پاڻي ئي نہ پيئندو ڪر، بلڪ ٿوري مئي بہ استعمال ڪندو ڪر.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ اهي رڳو کائڻ پيئڻ ۽ مختلف طريقن سان ظاهري پاڪ صاف ٿيڻ جون رسمون آهن، يعني اهي اهڙا ظاهري قاعدا آهن جيڪي انهيءَ وقت تائين مقرر ڪيا ويا هئا جيستائين نئون سڌارو اچي.


هوءَ انگوري ول جي ڪابہ پيداوار نہ کائي، نہ مئي پيئي، نڪي ڪا ٻي نشي واري شيءِ پيئي ۽ نہ وري ڪا ناپاڪ شيءِ کائي. جن ڳالهين بابت مون کيس حڪم ڏنو آهي سي سڀ پوريون ڪري.“


سو هاڻ خبردار ٿيءُ، ڪنهن بہ قسم جي مئي يا ڪا ٻي نشي واري شيءِ نہ پيءُ، ۽ نہ وري ڪابہ ناپاڪ شيءِ کاءُ.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan