ڳاڻاٽو 6:27 - Muslim Sindhi Bible27 اهڙيءَ طرح هو منهنجو نالو وٺي بني اسرائيل لاءِ دعا گھرندا تہ آءٌ انهن کي برڪت ڏيندس.“ Faic an caibideilSindhi Bible27 انهيءَ طرح هو منهنجو نالو بني اسرائيل ۾ قائم ڪن، ۽ آءٌ انهن کي برڪت ڏيندس. Faic an caibideil |
دنيا ۾ تنهنجي قوم بني اسرائيل جهڙي ٻي ڪهڙي قوم آهي؟ يعني اهي ماڻهو جن کي تو خدا پاڻ پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ غلاميءَ مان ڇڏايو. تو پنهنجي انهيءَ قوم لاءِ جيڪي وڏا وڏا ۽ هيبتناڪ ڪم ڪيا، تن سڄيءَ دنيا ۾ تنهنجو نالو ظاهر ڪيو، جڏهن تو انهيءَ قوم کي پنهنجي قوم بڻائڻ لاءِ اتي جي قومن ۽ سندن معبودن جي غلاميءَ مان ڇڏائي مصر منجھان ٻاهر ڪڍي آندو.