24 شال خداوند اوهان کي برڪت ڏئي ۽ اوهان جي حفاظت ڪري،
24 شل خداوند توکي برڪت ڏئي، ۽ توکي سنڀالي؛
پڪ ڄاڻ تہ آءٌ تو ساڻ آهيان ۽ جتي تون ويندين اتي تنهنجي سنڀال ڪندس. آءٌ تو کي وري موٽائي هن ملڪ ۾ آڻيندس. تو سان جيڪو واعدو ڪيو اٿم، جيستائين اهو پورو نہ ڪندس تيستائين تو کي ڇڏي ڪين ڏيندس.“
تنهنڪري هاڻي مهرباني ڪري پنهنجي هن ٻانهي جي گھراڻي کي برڪت ڏي، تہ اهو تنهنجي حضور ۾ هميشہ تائين قائم رهي، ڇاڪاڻ تہ اي خداوند خدا! تو اهو واعدو فرمايو آهي. بيشڪ تنهنجي برڪت سان تنهنجي ٻانهي جو گھراڻو هميشہ لاءِ سڳورو رهندو.“
شال خداوند صيئون جبل تان اوهان کي برڪت عطا ڪري، هائو، اهو ئي خداوند جنهن زمين ۽ آسمان کي جوڙيو آهي.
اک جي ماڻڪيءَ وانگر تون منهنجي حفاظت ڪج. هائو، مون کي پنهنجي پرن جي پاڇي هيٺ لڪاءِ.
اي خداوند! پنهنجي قوم کي بچاءِ، هائو، پنهنجي انهيءَ ميراث کي برڪت عطا ڪر. تون انهن جو رکوالو ٿيءُ ۽ کين سدائين سنڀالي رک.
انهيءَ سبب جو هن اوهان لاءِ پنهنجي ملائڪن کي حڪم ڏنو آهي، تہ اهي اوهان جي سڀني واٽن ۾ اوهان جي سنڀال ڪندا رهن.
آءٌ خداوند انهيءَ باغ جي نگهباني ڪريان ٿو، ۽ انهيءَ کي پاڻي ڏيندو رهان ٿو. آءٌ رات ڏينهن انهيءَ جي حفاظت ڪريان ٿو، تہ متان ڪو انهيءَ کي نقصان پهچائي.
”مون خداوند تو کي انهيءَ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي، ۽ طاقت عطا ڪئي اٿم، تہ جيئن تون ڌرتيءَ تي انصاف قائم ڪرين. تنهنجي وسيلي آءٌ قومن سان عهد ٻڌندس، ۽ تنهنجي وسيلي آءٌ قومن کي روشني عطا ڪندس.
تنهنڪري هاڻي اي اسان جا خدا! پنهنجي ٻانهي جي دعا ۽ منٿ ٻڌ. اي پروردگار! تون پنهنجي ئي واسطي، پنهنجي انهيءَ اجڙي ويل مقدس هيڪل تي مِهر جي نظر ڪر.
هاڻي آءٌ تو ڏانهن اچي رهيو آهيان ۽ دنيا ۾ وڌيڪ نہ رهندس، پر اهي اڃا دنيا ۾ رهندا. اي پاڪ بابا! تون پنهنجي پاڪ ذات جيڪا تو منهنجي وسيلي ظاهر ڪئي آهي، تنهن ۾ انهن کي قائم رک، انهيءَ لاءِ تہ اهي گڏجي هڪ ٿي رهن، جيئن تون ۽ آءٌ هڪ آهيون.
ڏسو، جيڪڏهن اوهان مان ڪو رڳو روح سان خدا جي واکاڻ ڪندو تہ ٻيو ماڻهو جيڪو اها ٻولي نہ ٿو ڄاڻي سو شڪرگذاريءَ تي ”آمين“ ڪيئن چوندو؟ هن کي تہ ڪجھہ سمجھہ ۾ ئي ڪونہ آيو.
شل انهن سڀني تي فضل ٿيندو رهي، جيڪي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح سان لازوال محبت رکن ٿا.
شل خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل اوهان سڀني تي هجي.
تڏهن خدائي سلامتي، جيڪا انساني سمجھہ کان بلڪل ٻاهر آهي، سا اوهان جي دلين ۽ خيالن کي عيسيٰ مسيح ۾ محفوظ رکندي.
شل سلامتي بخشيندڙ خدا اوهان کي مڪمل طور پاڪ ڪري. شل هو اوهان جي روح، جان ۽ بدن کي پوريءَ طرح محفوظ رکي، تہ جيئن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ وقت اوهين بيعيب قرار ڏنا وڃو.
اوهين خدا جي قدرت سان ايمان جي وسيلي حفاظت ۾ آهيو، ايستائين جو اهو مڪمل ڇوٽڪارو حاصل ڪريو جيڪو آخري ڏينهن تي ظاهر ٿيڻ لاءِ تيار آهي.
خدا، جيڪو اوهان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو، جيڪو پنهنجي شان وَ شوڪت واري حضور ۾ بيعيب ۽ خوشيءَ سان معمور ڪري بيهاري سگھي ٿو
ڪجھہ وقت کان پوءِ بوعز پاڻ بہ بيتلحم شهر کان اچي پهتو ۽ لاباري ڪرڻ وارن کي سلام ڪندي چيائين تہ ”خداوند شل اوهان جو ساڻي هجي.“ هنن کيس وراڻيو تہ ”خداوند شل تو کي برڪت عطا ڪري.“
هو پنهنجي نيڪ بندن جي حفاظت ڪندو رهي ٿو، ۽ بدڪارن کي اونداهيءَ ۾ فنا ڪريو ڇڏي. ڪوبہ انسان پنهنجي قوت سان سوڀارو ڪين ٿو ٿئي،