Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 6:18 - Muslim Sindhi Bible

18 ناذير مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ پنهنجو وقف ٿيل مٿو ڪوڙائي ۽ مٿي جا وار کڻي ان ٻرندڙ باهہ تي رکي جنهن تي سلامتيءَ واري قرباني ساڙي وڃي ٿي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 پوءِ نذير جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ پنهنجو مڃتا وارو مٿو ڪوڙائي، ۽ پنهنجي مڃتا واري مٿي جا وار کڻي سلامتيءَ جي قربانيءَ جي هيٺان ٻرندڙ باهہ تي رکي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 6:18
9 Iomraidhean Croise  

هو بي‌خميري مانيءَ جي ٽوڪريءَ سان اهو گھٽو سلامتيءَ جي قربانيءَ طور مون خداوند جي حضور ۾ پيش ڪري. هو انهيءَ جي اناج جي قرباني ۽ اوتڻ واري قرباني بہ پيش ڪري.


هو پنهنجي وقف ٿيڻ واري باس جي ڏينهن ۾ پنهنجي مٿي ۽ منهن تي پاڪي نہ گھمرائي. جيستائين اهي ڏينهن پورا نہ ٿين جن لاءِ هن پاڻ کي مون خداوند لاءِ وقف ڪيو آهي، تيستائين هو پاڪ رهي ۽ پنهنجي مٿي جا وار وڌڻ ڏئي.


جيڪڏهن انهيءَ جي ڀرسان ڪو ماڻهو اوچتو مري پوي ۽ وقف ٿيل مٿي کي ناپاڪ ڪري وجھي، تہ پوءِ هو ستين ڏينهن يعني سندس پاڪ ٿيڻ واري ڏينهن تي پنهنجو مٿو ڪوڙائي.


ساڳيءَ طرح اوهان کي بہ جن ڪمن لاءِ حڪم ڪيل آهي، جڏهن اهي پورا ڪريو تڏهن چئو تہ ’اسين تہ خسيس غلام آهيون، جيڪو اسان تي ڪرڻ فرض هو، سو ئي اسان ڪيو.‘“


ان کان پوءِ بہ پولس ڪيترائي ڏينهن ڪرنٿس ۾ رهيو. پوءِ ايمان وارن کان موڪلائي سامونڊي جهاز ۾ چڙهي پرسڪلا ۽ اڪولا سان گڏ شام صوبي ڏانهن روانو ٿيو. سفر کان اڳ هن بندرگاهہ واري شهر ڪنخريا ۾ پنهنجو مٿو ڪوڙايو، ڇاڪاڻ تہ هن هڪ باس باسي هئي.


تنهنڪري هاڻي جيئن اسين چئون تيئن ڪريو. اسان وٽ چار ماڻهو اهڙا آهن جن کي باسيل باس پوري ڪرڻي آهي.


سو هاڻي اوهين انهن سان گڏجي وڃي پاڪ ٿيڻ جي رسم ۾ شريڪ ٿيو ۽ انهن جو خرچ بہ اوهين ڀريو تہ هو پنهنجا مٿا ڪوڙائين. اهڙيءَ طرح سڀيئي ماڻهو ڄاڻي وٺندا تہ جيڪي ڳالهيون اوهان بابت کين ٻڌايون ويون آهن سي سڀ ڪوڙيون آهن، بلڪ اوهين تہ پاڻ شريعت تي عمل ڪريو ٿا ۽ ان تي پوريءَ طرح ڪاربند آهيو.


سو ٻئي ڏينهن تي پولس انهن چئن ماڻهن کي ساڻ وٺي ويو ۽ انهن سان گڏ پاڻ کي پاڪ ڪري هيڪل ۾ اچي اهو ڏينهن ٻڌايائين جڏهن سندن پاڪ ٿيڻ جو وقت پورو ٿيندو ۽ هر هڪ لاءِ قرباني پيش ڪئي ويندي.


انهيءَ لاءِ تہ سندس جلوي سان ڀريل انهيءَ فضل جي واکاڻ ٿئي، جيڪو هن پنهنجي پياري فرزند ۾ اسان کي مفت عطا ڪيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan