Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 6:12 - Muslim Sindhi Bible

12 هو وري ناذير ٿيڻ جا ڏينهن مقرر ڪري پاڻ کي مون خداوند لاءِ وقف ڪري ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ هڪڙو هڪسالو گھيٽو آڻي. سندس اڳيان ڏينهن هاڻي وقف ٿيل ڏينهن جي حساب ۾ نہ ايندا، ڇو تہ اڳين وقف هجڻ وارن ڏينهن ۾ هو ناپاڪ ٿي پيو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 پوءِ هو خداوند جي لاءِ نذير ٿيڻ جي واسطي ڇِلي ۾ ويهي، ۽ خطا جي قربانيءَ لاءِ هڪڙو يڪسالو گهيٽو آڻي: پر اڳيان ڏينهن حساب ۾ نہ ايندا؛ ڇالاءِ جو هن جو ڇِلو ناپاڪ ٿي پيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 6:12
12 Iomraidhean Croise  

انهيءَ لاءِ رڍن مان گھيٽو چونڊيو وڃي يا ٻڪرين مان ڇيلو، پر اهو هڪ سال جو، نر ۽ بي‌عيب هئڻ گھرجي.


پر جيڪڏهن ڪو سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري وڃي ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو ۽ اُهي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ڪري ٿو جيڪي بدڪار ماڻهو ڪندا آهن، تڏهن ڇا اهو جيئرو رهندو؟ نہ، هرگز نہ، بلڪ هن جيڪي بہ سچائيءَ جا ڪم ڪيا هوندا سي وساريا ويندا. هو پنهنجي نافرمانيءَ ۽ ڪيل گناهن جي ڪري ضرور لوڙيندو.


ڪاهن قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ وارو گھيٽو ۽ اڌ ليٽر تيل کڻي، انهن کي مون خداوند جي حضور ۾ هٿن تي بلند ڪري نذراني طور پيش ڪري.


پوءِ هن جيڪو گناهہ ڪيو هجي تنهن جي لاءِ هو مون خداوند جي حضور ۾ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ گھيٽي يا ٻڪري آڻي پيش ڪري، تڏهن ڪاهن سندس گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو.


پر جيڪڏهن هن کي گھيٽيءَ يا ٻڪريءَ ڏيڻ جي طاقت نہ هجي تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ مون خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا يا ٻہ ڪبوتر آڻي، هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ لاءِ.


ڪاهن انهن مان هڪڙو پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ طور ۽ ٻيو ساڙڻ واري قربانيءَ طور هن جي ڪفاري لاءِ پيش ڪري، ڇو تہ مُڙدي جي ڀرسان هجڻ ڪري هن خطا ڪئي آهي. انهيءَ ساڳئي ڏينهن پنهنجو مٿو وري مخصوص ڪندي


ناذير جي لاءِ هي قانون آهي تہ جڏهن سندس وقف هجڻ وارا ڏينهن پورا ٿين، تڏهن کيس مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در تي حاضر ڪيو وڃي.


پر اوهان مان جيڪو توڙ تائين ثابت قدم رهندو سو اطمينان رکي تہ هن لاءِ ڇوٽڪارو آهي.


تنهن تي عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”في‌الحال تہ منهنجي مڃ، ڇاڪاڻ تہ اهڙيءَ طرح اسين خدا جا سڀ فرض پورا ڪنداسين.“ پوءِ يحيٰ کيس بپتسما ڏيڻ قبول ڪيو.


ڇاڪاڻ تہ جيڪو شريعت جي رڳو هڪڙي حڪم جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري، سو سڄي شريعت جي خلاف‌ورزي ڪري گنهگار قرار ڏنو وڃي ٿو.


سو خبردار ٿجو، جيڪا محنت اسان اوهان ۾ ڪئي آهي سا وڃائي نہ ڇڏجو، پر انهيءَ مان پورو پورو اجر حاصل ڪجو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan