Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 5:29 - Muslim Sindhi Bible

29 سو غيرت جي معاملي ۾ قانون اهو آهي تہ جڏهن ڪا مڙس واري عورت زنا ڪرائي پاڻ کي پليت ڪري

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

29 سو جڏهن ڪا مڙس واري زال گمراهہ ٿي ناپاڪ ٿئي تہ انهيءَ جي لاءِ اهو غيرت جو قانون آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 5:29
12 Iomraidhean Croise  

اوهين رڳو پنهنجي تلوار تي ڀروسو ڪندي ڪراهت جهڙا ڪم ٿا ڪريو ۽ زناڪاري ٿا ڪريو. پوءِ بہ اوهين ڪيئن دعويٰ ٿا ڪريو تہ اهو ملڪ اوهان جو آهي؟


جانورن، پکين، پاڻيءَ ۾ رهندڙ سڀني ساهوارن ۽ زمين تي سرندڙ سڀني جيتن بابت اهو ئي قاعدو آهي،


سينور جي انهيءَ مرض بابت، جيڪو اوني يا سڻيءَ جي ڪپڙي تي، پوءِ تاڃيءَ ۾ هجي توڙي پيٽي ۾ يا چم جي ڪنهن بہ شيءِ تي هجي، تنهن کي پاڪ يا ناپاڪ قرار ڏيڻ لاءِ اهو ئي قاعدو آهي.“


”جڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي حضور ۾ سلامتيءَ جي قرباني پيش ڪري تہ انهيءَ جو قاعدو هن ريت آهي.


انهن ٻنهي حالتن ۾ ماڻهو پنهنجيءَ زال کي ڪاهن وٽ وٺي اچي. هو پنهنجيءَ زال جي طرفان هڪ ڪلوگرام جوَن جو اٽو بہ نذر طور کڻي اچي. هو انهيءَ اٽي جي مٿان نڪي تيل پئٽي، نڪي لوبان رکي، ڇاڪاڻ تہ اها غيرت جي واسطي اناج جي قرباني آهي جيڪا گناهہ ظاهر ٿيڻ لاءِ ڏني وڃي ٿي.


پوءِ ڪاهن انهيءَ عورت کي قسم کڻائي چوي تہ ’جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو تو سان نہ ستو آهي ۽ تون پنهنجي مڙس هوندي ٻئي ماڻهوءَ کان زنا ڪرائي پاڻ کي پليت نہ ڪيو آهي تہ شل انهيءَ لعنت کان بچيل رهين، جا هي آزمائڻ وارو پاڻي آڻي ٿو.‘


پر جيڪڏهن هوءَ بي‌ڏوهي هوندي تہ بچي ويندي ۽ اڳتي ٻارن ڄڻڻ جهڙي رهندي.


يا جڏهن ڪنهن مرد کي غيرت اچي وڃي ۽ هو پنهنجيءَ زال جي باري ۾ شڪ ڪرڻ لڳي، تڏهن انهيءَ عورت کي قربان‌گاهہ جي ويجھو مون خداوند جي آڏو آڻي بيهارجي ۽ ڪاهن اهو سڄو بيان ڪيل قانون عمل ۾ آڻي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan