Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 5:28 - Muslim Sindhi Bible

28 پر جيڪڏهن هوءَ بي‌ڏوهي هوندي تہ بچي ويندي ۽ اڳتي ٻارن ڄڻڻ جهڙي رهندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

28 پر جيڪڏهن اها زال ناپاڪ نہ ٿي هوندي ۽ پاڪ هوندي، تہ هوءَ بچي ويندي، ۽ اڳتي کيس اولاد ٿيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 5:28
8 Iomraidhean Croise  

اهو ئي سنڍ عورت جو گھر آباد ڪري ٿو. هائو، کيس ٻارن جي ماءُ بڻائي خوشي بخشي ٿو. خداوند جي واکاڻ ڪريو.


پوءِ ڪاهن انهيءَ عورت کي قسم کڻائي چوي تہ ’جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو تو سان نہ ستو آهي ۽ تون پنهنجي مڙس هوندي ٻئي ماڻهوءَ کان زنا ڪرائي پاڻ کي پليت نہ ڪيو آهي تہ شل انهيءَ لعنت کان بچيل رهين، جا هي آزمائڻ وارو پاڻي آڻي ٿو.‘


جيڪڏهن اها عورت پنهنجي مڙس هوندي زنا ڪرائي پاڻ کي پليت ڪيو هوندو، تہ اهو لعنت آڻيندڙ پاڻي انهيءَ عورت جي پيٽ ۾ سخت تڪليف پيدا ڪندو ۽ هوءَ اوٽي‌نپٽي ٿي پوندي ۽ سندس پيٽ سڄي پوندو. اهڙيءَ طرح اها عورت پنهنجيءَ قوم ۾ لعنتي بڻجي ويندي.


سو غيرت جي معاملي ۾ قانون اهو آهي تہ جڏهن ڪا مڙس واري عورت زنا ڪرائي پاڻ کي پليت ڪري


ڇاڪاڻ تہ جيڪا مصيبت اسين سهون ٿا سا خسيس ۽ ٿوري دير جي لاءِ آهي. اها اسان لاءِ هڪ اهڙو زبردست ۽ دائمي جلوو پيدا ڪندي ٿي وڃي جنهن جي ڀيٽ ۾ هيءَ مصيبت ڪجھہ بہ ناهي.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن ڪو مرد ڪنهن عورت سان شادي ڪري، تہ ٿي سگھي ٿو تہ اڳتي هلي منجھس ڪا اڻ‌وڻندڙ ڳالهہ ڏسي کيس پسند نہ ڪري ۽ طلاق نامو لکي پنهنجي گھر مان ڪڍي ڇڏيس.


انهن آزمائشن جو مقصد اهو آهي تہ اوهان جو ايمان خالص ثابت ٿئي. ڏسو، جيئن باهہ سون کي خالص بڻائي ٿي ڇڏي تيئن اوهان جو ايمان بہ آزمايو وڃي ٿو، جڏهن تہ اهو فاني سون کان گھڻو قيمتي آهي. خدا چاهي ٿو تہ اوهين عيسيٰ مسيح جي وري ظاهر ٿيڻ وقت تعريف، شان وَ شوڪت ۽ عزت جي لائق قرار ڏنا وڃو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan