ڳاڻاٽو 5:27 - Muslim Sindhi Bible27 جيڪڏهن اها عورت پنهنجي مڙس هوندي زنا ڪرائي پاڻ کي پليت ڪيو هوندو، تہ اهو لعنت آڻيندڙ پاڻي انهيءَ عورت جي پيٽ ۾ سخت تڪليف پيدا ڪندو ۽ هوءَ اوٽينپٽي ٿي پوندي ۽ سندس پيٽ سڄي پوندو. اهڙيءَ طرح اها عورت پنهنجيءَ قوم ۾ لعنتي بڻجي ويندي. Faic an caibideilSindhi Bible27 ۽ جڏهن هو کيس اهو پاڻي پياريندو، تڏهن هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هوءَ ناپاڪ ٿي هوندي، ۽ مڙس جي برخلاف ڏوهہ ڪيو هوندائين، تہ اهو لعنت پيدا ڪندڙ پاڻي سندس پيٽ ۾ وڃي ڪؤڙو ٿي پوندو، ۽ سندس پيٽ سڄي پوندو، ۽ سندس ران سڙي ڳري ڪري پوندي، ۽ اها زال پنهنجيءَ قوم ۾ لعنتي ٿيندي. Faic an caibideil |
سو جيڪڏهن اوهين مصر ۾ وڃي رهندا، تہ پوءِ جهڙيءَ طرح منهنجي ڪاوڙ ۽ منهنجو غضب يروشلم تي نازل ٿيو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجو غضب اوهان تي بہ نازل ٿيندو. اوهين لعنت، عبرت، پٽ پاراتي ۽ ملامت جو ڪارڻ بڻجي پوندا. پوءِ اوهين هي هنڌ وري ڪڏهن بہ نہ ڏسندا. اهو مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.‘