Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 5:19 - Muslim Sindhi Bible

19 پوءِ ڪاهن انهيءَ عورت کي قسم کڻائي چوي تہ ’جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو تو سان نہ ستو آهي ۽ تون پنهنجي مڙس هوندي ٻئي ماڻهوءَ کان زنا ڪرائي پاڻ کي پليت نہ ڪيو آهي تہ شل انهيءَ لعنت کان بچيل رهين، جا هي آزمائڻ وارو پاڻي آڻي ٿو.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 ۽ انهيءَ زال کي قسم کڻائي چوي تہ جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو توسان نہ ستو آهي، ۽ جي تون مڙس هوندي گمراهہ ٿي ناپاڪ نہ ٿي آهين؛ تہ هي ڪؤڙو پاڻي، جو لعنت پيدا ٿو ڪري، تنهن جي اثر کان بچيل آهين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 5:19
5 Iomraidhean Croise  

پوءِ ڪاهن مون خداوند آڏو انهيءَ عورت جي مٿي جا وار ڇوڙي ڇڏي ۽ اناج جي قرباني سندس هٿن تي رکي، جيڪا غيرت جي واسطي گناهہ ظاهر ٿيڻ لاءِ اناج جي قرباني آهي. ان بعد ڪاهن پنهنجي هٿ ۾ اهو آزمائڻ وارو پاڻي کڻي جيڪو لعنت آڻي ٿو.


پر جيڪڏهن هوءَ بي‌ڏوهي هوندي تہ بچي ويندي ۽ اڳتي ٻارن ڄڻڻ جهڙي رهندي.


پر عيسيٰ ماٺ ئي رهيو. تڏهن وڏي سردار ڪاهن وري چيس تہ ”آءٌ تو کي زندہ خدا جو قسم ٿو ڏيان تہ اسان کي ٻڌاءِ تہ ڇا تون ئي مسيح آهين، خدا جو فرزند؟“


مثال طور شريعت موجب زال پنهنجي مڙس سان سندس حياتيءَ تائين ٻڌل رهي ٿي. پر جڏهن اهو مڙس مري وڃي ٿو تہ هوءَ سندس شاديءَ واري ٻنڌڻ کان آزاد ٿئي ٿي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan