Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 5:18 - Muslim Sindhi Bible

18 پوءِ ڪاهن مون خداوند آڏو انهيءَ عورت جي مٿي جا وار ڇوڙي ڇڏي ۽ اناج جي قرباني سندس هٿن تي رکي، جيڪا غيرت جي واسطي گناهہ ظاهر ٿيڻ لاءِ اناج جي قرباني آهي. ان بعد ڪاهن پنهنجي هٿ ۾ اهو آزمائڻ وارو پاڻي کڻي جيڪو لعنت آڻي ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 پوءِ ڪاهن انهيءَ زال کي خداوند جي حضور ۾ بيهاري ۽ سندس مٿي جا وار ڇوڙائي ڇڏي، ۽ يادگيريءَ واري کاڌي جي قرباني سندس هٿن تي رکي، جا غيرت جي کاڌي جي قرباني آهي، ۽ ڪاهن پنهنجي هٿ ۾ اهو ڪؤڙو پاڻي کڻي، جو لعنت پيدا ٿو ڪري؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 5:18
18 Iomraidhean Croise  

ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جو انجام زهر جهڙو ڪؤڙو ۽ ٻِہ‌منهين تلوار جهڙو تکو آهي.


تڏهن مون معلوم ڪيو تہ موت کان بہ وڌيڪ هڪڙي ڪؤڙي شيءِ آهي، يعني اها عورت جنهن جو پيار ڦندي ۽ ڄار مثل آهي ۽ جنهن جي هٿن ۾ هٿڪڙيون آهن. جنهن ماڻهوءَ سان خدا راضي هوندو سو انهيءَ کان بچي نڪرندو، جڏهن تہ گنهگار انهيءَ جو شڪار ٿي ويندو.


بيشڪ تو منهنجي سخت تڪليفن کي مون لاءِ راحت جو سبب بڻايو آهي. تو منهنجي جان تي مهربان ٿي مون کي برباديءَ جي کڏ مان بچائي ورتو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو منهنجي سڀني گناهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي.


ٻڌ، آءٌ خداوند قادرِمطلق خدا تو کي کولي ٿو ٻڌايان تہ تنهنجي اها بڇڙائي ئي تو کي سزا ڏيندي، تنهنجي اها سرڪشي تو کي ملامت ڪندي. سو تو کي خبر پئجي ويندي تہ مون خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي تو ڪيڏي نہ خراب ۽ غلط ڳالهہ ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تہ تو کي منهنجو ڪو ڊپ ئي نہ رهيو آهي.“


جنهن ماڻهوءَ کي اهڙو مرض هجي سو ڦاٽل ڪپڙا پائي ۽ مٿي جا وار ڇوڙي گھمي. هو پنهنجي منهن جو هيٺيون حصو ڍڪي ڇڏي ۽ وڏي واڪي پنهنجي لاءِ چوندو وتي ’ناپاڪ، ناپاڪ.‘


انهن ٻنهي حالتن ۾ ماڻهو پنهنجيءَ زال کي ڪاهن وٽ وٺي اچي. هو پنهنجيءَ زال جي طرفان هڪ ڪلوگرام جوَن جو اٽو بہ نذر طور کڻي اچي. هو انهيءَ اٽي جي مٿان نڪي تيل پئٽي، نڪي لوبان رکي، ڇاڪاڻ تہ اها غيرت جي واسطي اناج جي قرباني آهي جيڪا گناهہ ظاهر ٿيڻ لاءِ ڏني وڃي ٿي.


ڪاهن هڪڙي ٺڪر جي ٿانوَ ۾ پاڪ پاڻي کڻي ۽ مقدس خيمي جي فرش تان مٽي کڻي انهيءَ پاڻيءَ ۾ وجھي ان کي آزمائڻ وارو پاڻي بڻائي.


پوءِ ڪاهن انهيءَ عورت کي قسم کڻائي چوي تہ ’جيڪڏهن ڪو ٻيو ماڻهو تو سان نہ ستو آهي ۽ تون پنهنجي مڙس هوندي ٻئي ماڻهوءَ کان زنا ڪرائي پاڻ کي پليت نہ ڪيو آهي تہ شل انهيءَ لعنت کان بچيل رهين، جا هي آزمائڻ وارو پاڻي آڻي ٿو.‘


شل هي پاڻي جيڪو لعنت ٿو آڻي تنهنجي پيٽ ۾ وڃي تو کي اوٽي‌نپٽي ڪري ۽ تنهنجو پيٽ سُڄائي ڇڏي.‘ تڏهن عورت جواب ۾ چوي تہ ’آمين، آمين.‘


جڏهن تہ عورت لاءِ ڊگھا وار سندس عزت آهن؟ ڇاڪاڻ تہ اهي وار کيس پردي جي لاءِ ڏنا ويا آهن.


جيڪڏهن ڪا عورت پنهنجو مٿو نہ ٿي ڍڪي تہ وار بہ ڪترائي ڇڏي. پر جيڪڏهن ڪنهن عورت لاءِ وار ڪترائڻ يا ڪوڙائڻ شرم جهڙي ڳالهہ آهي، تہ پوءِ پنهنجو مٿو چادر سان ڍڪي.


سو ائين نہ ٿئي تہ اوهان ۾ ڪو اهڙو مرد، عورت، خاندان يا قبيلو هجي، جنهن جي دل اڄوڪي ڏينهن خداوند اسان جي خدا کان ڦري وڃي ۽ وڃي انهن قومن جي معبودن جي پوڄا ڪري. متان اوهان منجھہ ڪا اهڙي پاڙ هجي جيڪا ٽُوهہ ۽ گوماندر جهڙو ڪؤڙو ۽ زهريلو ڦل ڏئي.


سڀني ماڻهن جي نظر ۾ شادي عزت جي ڳالهہ هئڻ کپي ۽ زال مڙس کي هڪٻئي سان وفادار هئڻ گھرجي. ياد رکو، خدا حرامڪارن ۽ زناڪارن جي خلاف فتويٰ جاري ڪندو.


پوءِ سموئيل چيو تہ ”عماليقين جي بادشاهہ اجاج کي هتي مون وٽ وٺي اچو.“ تڏهن اجاج ٻڏندو ترندو هن وٽ آيو ۽ دل ۾ چيائين تہ ”موت جي تلخي ضرور اچي ويئي هوندي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan