Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 4:5 - Muslim Sindhi Bible

5 جڏهن منزل کڻڻي هجي، تڏهن هارون ۽ سندس پٽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي اندر وڃن، مقدس ترين جاءِ جو پردو لاهي انهيءَ سان عهد واري صندوق کي ڍڪين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 جڏهن منزل کڄي تڏهن هارون ۽ سندس پٽ اندر وڃن، ۽ پردي وارو ڍڪ لاهين، ۽ شاهديءَ جي صندوق کي انهي سان ڍڪين،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 4:5
23 Iomraidhean Croise  

بني لاوي خدا جي عهد واري صندوق ۾ ٻانهيون وجھي اها پنهنجن ڪلهن تي کڻي آيا، جيئن موسيٰ خداوند جي فرمان موجب کين حڪم ڏنو هو.


هاڻ لاوين کي وري ڪڏهن بہ مقدس خيمو ۽ انهيءَ جي خدمت جا ٿانوَ کڻڻا نہ پوندا.“


هن مقدس ترين جاءِ جي اڳيان هڻڻ لاءِ سوٽي ڪپڙي ۽ ٻين قسمن جي ڪپڙن مان نيري، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جو پردو ٺهرايو جنهن تي پردار آسماني مخلوق جون تصويرون اُڻيل هيون.


سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي، جنهن ۾ آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جا ڌاڳا هئا، تنهن مان هڪڙو پردو ٺاهيو ويو، جنهن تي ماهر ڪاريگر جي هٿان پردار آسماني مخلوق جون شڪليون بہ اُڻيل هيون.


انهيءَ خيمي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ عهد واري صندوق رکائج ۽ انهيءَ جي اڳيان پردو ٽنگائي ڇڏج.


عهد واري صندوق جي اڳيان پردي جي ٻئي پاسي مقدس جاءِ ۾ تون لوبان ساڙڻ لاءِ سوني پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ رکائج ۽ مقدس جاءِ جي دروازي تي پردو ٽنگائي ڇڏج.


اتي هو ڏکن جا اهي ڪڪر هٽائي ڇڏيندو، جيڪي دنيا جي سڀني قومن مٿان ڇانيل آهن.


”تون پنهنجي ڀاءُ هارون کي چئُہ تہ پردي جي اندر مقدس ترين جاءِ ۾ عهد واري صندوق مٿان جيڪو رحمت جو پوش آهي تنهن جي اڳيان هو هر وقت نہ اچي، تہ متان مري نہ وڃي، ڇاڪاڻ تہ آءٌ رحمت جي پوش مٿان ڪڪر ۾ ڏيکاري ڏيندو آهيان.


سڀ کان پهريائين يهوداہ جي منزل‌گاهہ جي نشان وارا ٽي قبيلا پنهنجي پنهنجي جھنڊي هيٺ اڳتي هليا. عمينداب جو پٽ نحسون انهن جو سردار هو.


جڏهن هارون ۽ سندس پٽ مقدس خيمي جي سڄي سامان کي ڍڪي بس ڪن ۽ منزل کڻي هلڻ جو وقت اچي، تڏهن بني قهات اهو سامان کڻڻ لاءِ اچن. پر هو انهن پاڪ شين کي نہ ڇهن، تہ جيئن مري نہ پون. مون خدا سان ملاقات واري خيمي جون اهي شيون کڻي هلڻ جي ذميواري بني قهات جي ئي آهي.


منهنجي ملاقات واري خيمي ۾ مون لاءِ ئي مخصوص شين جي سنڀال ڪرڻ بني قهات جو ڪم آهي.


پر موسيٰ بني قهات کي ڪابہ گاڏي يا ڪوبہ ڏاند ڪونہ ڏنو، ڇو تہ جيڪي مخصوص شيون سندن ذميواريءَ ۾ هيون سي کين ڪلهن تي کڻڻيون هيون.


انهيءَ دم هيڪل جو مقدس ترين جاءِ وارو پردو مٿي کان وٺي هيٺ تائين ٻن حصن ۾ چيرجي ويو. ڌرتي ڌڏي ويئي، ڏونگر ڏري پيا


موسيٰ هيءَ شريعت لکي، بني لاوي ڪاهنن کي جيڪي خداوند جي عهد واري صندوق کڻندا هئا ۽ بني اسرائيل جي سڀني اڳواڻن کي ڏني.


عيسيٰ اسان جي لاءِ پردي منجھان هڪ نئون ۽ زندگي ڏيندڙ رستو کولي ڇڏيو آهي ۽ اهو سندس بدن جي قربانيءَ وسيلي آهي.


مقدس خيمي ۾ پردي جي پٺيان هڪ ٻيو ڪمرو هو، جنهن کي مقدس ترين جاءِ سڏبو هو.


خداوند بيت‌شمس جي ستر ماڻهن کي ماري ڇڏيو، انهيءَ لاءِ جو هنن خداوند جي عهد واري صندوق اندر نهاريو هو. سو ماڻهن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، ڇو تہ خداوند منجھن تباهي آڻي کين ماريو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan