Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 4:33 - Muslim Sindhi Bible

33 مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ بني مراريءَ جي نسلن کي جيڪا خدمت هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هدايت هيٺ ڪرڻي آهي سا اها ئي آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

33 جماعت واري تنبوءَ ۾ بني مراريءَ جي خاندانن جو، هر ڪنهن قسم جي خدمت موافق، هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿ هيٺ اهوئي ڪم آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 4:33
7 Iomraidhean Croise  

مقدس خيمي، جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، تنهن ۾ استعمال ٿيل ڌاتوءَ جو تفصيل ٺاهڻ لاءِ موسيٰ لاوين کي حڪم ڏنو ۽ اهو ڪم هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هدايتن هيٺ ڪيو ويو.


حالات اهڙا تہ خراب هوندا جو ماڻهو پنهنجي ڪنهن مائٽ کي چونڊي کيس چوندا تہ ”تو کي گھٽ ۾ گھٽ پائڻ لاءِ تہ ڪجھہ هوندو، سو اچ ۽ اسان جو حاڪم ٿيءُ، ۽ هن اجڙيل ملڪ تي حڪمراني ڪر.“


مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ بني جيرشون جي نسلن جي اها خدمت آهي. انهن کي هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هدايت هيٺ ڪم ڪرڻو آهي.


انهيءَ جي چوگرد واري اڱڻ جا ٿنڀا، انهن جا پاوا، ڪليون، رسا، سڀيئي اوزار ۽ اهي سڀ شيون جيڪي انهيءَ سان واسطو رکن ٿيون، سي بني مراري ئي کڻن. مطلب تہ جيڪي شيون انهن کي کڻڻيون آهن، سي ناليوار انهن جي ذمي ڪيون وڃن.


خداوند جي حڪم تي عمل ڪندي موسيٰ، هارون ۽ بني اسرائيل جي اڳواڻن ٽنهي لاوي گھراڻن قهات، جيرشون ۽ مراريءَ جي مردم‌شماري ڪئي. هنن اها مردم‌شماري سندن نسلن ۽ اباڻن ڪٽنبن موجب ڪئي ۽ انهن سڀني ماڻهن جو شمار ڪيائون جن جي عمر ٽيهن کان وٺي پنجاهہ سالن تائين هئي ۽ خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ جي لائق هئا. مردم‌شماريءَ جو تفصيل هي آهي. قهات گھراڻي وارن جو تعداد ٻہ هزار ست سؤ پنجاهہ هو. جيرشون گھراڻي وارن جو تعداد ٻہ هزار ڇهہ سؤ ٽيهہ هو. مراري گھراڻي وارن جو تعداد ٽي هزار ٻہ سؤ هو. ٽنهي لاوي گھراڻن جو جملي تعداد اٺ هزار پنج سؤ اسي هو.


۽ چار گاڏيون ۽ اٺ ڏاند بني مراريءَ کي سندن خدمت مطابق ڏنا. اهي سڀيئي هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿ هيٺ ڏنا ويا.


يشوع ڪاهنن کي چيو تہ ”عهد واري صندوق کڻو ۽ ماڻهن جي اڳيان اڳيان هلو.“ سو هنن اها صندوق کنئي ۽ ماڻهن جي اڳيان هلڻ لڳا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan