Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 4:3 - Muslim Sindhi Bible

3 جيڪي ٽيهن سالن جي عمر کان وٺي پنجاهہ سالن جي عمر تائين آهن ۽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ ڪم ڪرڻ جي لائق آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي، پنجاهہ ورهين جي عمر تائين، جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿين، تن سڀني جو شمار ڪريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 4:3
27 Iomraidhean Croise  

ان وقت يوسف ٽيهن سالن جو هو جڏهن مصر جي بادشاهہ فرعون جي نوڪري شروع ڪيائين. پوءِ يوسف فرعون جي درٻار مان نڪري مصر جي سڄي ملڪ جو دورو ڪرڻ لڳو.


دائود جي عمر ان وقت ٽيهہ سال هئي جڏهن هو بادشاهہ ٿيو. هن چاليهہ سال بادشاهي ڪئي.


انهن جا ٻيا لاوي ڀائر خدا جي گھر جي مقدس خيمي ۾ ٻين سڀني خدمتن لاءِ مقرر ٿيل هئا.


سڀيئي ڪاهن پنهنجي پنهنجي گھراڻن موجب نسب نامي ۾ داخل ٿيل هئا، جڏهن تہ اهي لاوي جيڪي ويهن سالن يا ويهن سالن کان مٿي عمر وارا هئا تن جا نالا پنهنجي پنهنجي مقرر خدمت ۽ ٽولي مطابق نسب نامي ۾ داخل ٿيل هئا.


يروشلم شهر ۾ هيڪل جي جاءِ تي پهچڻ کان پوءِ، ٻئي سال جي ٻئي مهيني ۾ زربابل، يشوع، ڪاهن، لاوي ۽ سندن ٻيا هم‌قوم، يعني اهي سڀ جيڪي جلاوطنيءَ مان موٽي يروشلم ۾ آيا هئا تن ڪم شروع ڪري ڏنو. جيڪي لاوي ويهن سالن جا يا انهيءَ کان وڏيءَ عمر جا هئا تن کي هنن هيڪل جي تعمير جي نظرداري ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو.


بلڪ تون لاوين کي مقرر ڪري ڇڏ تہ جيئن اهي ئي اهو مقدس خيمو جنهن ۾ عهد واريون تختون رکيل آهن، ۽ انهيءَ جو سمورو سامان کڻن، انهيءَ جي خدمت ڪن ۽ اهي ئي خيمي جي ٻاهران چوڌاري منزل ڪري رهن.


ڇا اها ننڍي ڳالهہ آهي جو بني اسرائيل جي خدا اوهان کي پنهنجي قوم مان چونڊي ڌار ڪيو آهي تہ جيئن اوهين کيس ويجھا وڃو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين خداوند جي مقدس خيمي جي خدمت ڪريو ۽ قوم جي سامهون بيهي انهن جي بہ ديني خدمت ڪريو؟


”اوهين لاوين مان بني قهات جي نسل ۽ اباڻي ڪٽنب موجب سندن انهن سڀني مردن جو شمار ڪريو،


جيڪي ٽيهن سالن جي عمر کان وٺي پنجاهہ سالن جي عمر تائين آهن ۽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ جي لائق آهن.


جيڪي ٽيهن سالن جي عمر کان وٺي پنجاهہ سالن تائين آهن ۽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ جي لائق آهن.


منهنجي ملاقات واري خيمي ۾ مون لاءِ ئي مخصوص شين جي سنڀال ڪرڻ بني قهات جو ڪم آهي.


جڏهن عيسيٰ پاڻ تعليم ڏيڻ شروع ڪئي، تڏهن سندس عمر اٽڪل ٽيهہ سال هئي. عيسيٰ کي يوسف جو پٽ سمجھيو ويندو هو، يوسف پٽ عيليءَ جو هو


اي منهنجا پٽ تيمٿيس! تو بابت خدا جي اڳي ڏنل فرمانن موجب آءٌ تو کي اهو حڪم ٿو ڏيان تہ تون انهن تي عمل ڪندي چڱي ويڙهہ وڙهندو رهہ ۽ پنهنجي ايمان ۽ صاف ضمير کي قائم رک.


اهو سچ آهي تہ جيڪو ماڻهو ڪليسيا ۾ نگهبان جو عهدو وٺڻ گھري ٿو، سو چڱي ڪم جي خواهش ٿو ڪري.


هو تازو ايمان آڻيندڙ نہ هجي، متان ڦونڊ ۾ اچي ابليس وانگر گنهگار قرار ڏنو وڃي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan