29 تون بني مراريءَ جي نسل ۽ اباڻي ڪٽنب موجب سندن انهن مردن جو شمار ڪر،
29 ۽ تون مراريءَ جي پٽن جو بہ سندس خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب حساب ڪر.
انهيءَ کان سواءِ ٻاهرين اڱڻ جي چوگرد وارا ٿنڀا، انهن جا پاوا ۽ انهن جا رسا ۽ ڪليون بہ انهن جي سنڀال هيٺ هئا.
مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ بني جيرشون جي نسلن جي اها خدمت آهي. انهن کي هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هدايت هيٺ ڪم ڪرڻو آهي.
جيڪي ٽيهن سالن جي عمر کان وٺي پنجاهہ سالن تائين آهن ۽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ جي لائق آهن.
۽ چار گاڏيون ۽ اٺ ڏاند بني مراريءَ کي سندن خدمت مطابق ڏنا. اهي سڀيئي هارون ڪاهن جي پٽ اتمر جي هٿ هيٺ ڏنا ويا.