Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 4:24 - Muslim Sindhi Bible

24 بني جيرشون جي نسلن جو خدمت ڪرڻ ۽ سامان کڻڻ لاءِ هي ڪم آهي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

24 بني جيرسون جي خاندانن جو، خدمت ڪرڻ ۽ بار کڻڻ لاءِ هي ڪم آهي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 4:24
12 Iomraidhean Croise  

پوءِ جڏهن مقدس خيمي کي لاٿو ويو تہ بني جيرشون ۽ بني مراري خيمو کڻي اڳتي روانا ٿيا.


خدا سان ملاقات واري خيمي جي قنات ۽ پال، انهيءَ جا مٿيان غلاف ۽ انهيءَ جي در جو پردو، اهي سڀ انهن جي سنڀال هيٺ هئا.


انهيءَ کان سواءِ اڱڻ جي قنات، جيڪا مقدس خيمي ۽ قربان‌گاهہ جي چوڌاري آهي، اڱڻ جي دروازي جو پردو ۽ سڀيئي رسا جيڪي انهيءَ ۾ ڪم ٿي آيا، سي بہ انهن جي سنڀال هيٺ هئا.


جڏهن هارون ۽ سندس پٽ مقدس خيمي جي سڄي سامان کي ڍڪي بس ڪن ۽ منزل کڻي هلڻ جو وقت اچي، تڏهن بني قهات اهو سامان کڻڻ لاءِ اچن. پر هو انهن پاڪ شين کي نہ ڇهن، تہ جيئن مري نہ پون. مون خدا سان ملاقات واري خيمي جون اهي شيون کڻي هلڻ جي ذميواري بني قهات جي ئي آهي.


بلڪ جيئن هو جيئرا رهن ۽ انهن شين جي ويجھو اچڻ ڪري مري نہ پون جيڪي رڳو مون لاءِ ئي مخصوص آهن. تنهنڪري اوهين هيئن ڪريو جو هارون ۽ سندس پٽَ اندر وڃن ۽ انهن مان هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي خدمت ۽ کڻڻ جي ذميواري ڏين.


جيڪي ٽيهن سالن جي عمر کان وٺي پنجاهہ سالن جي عمر تائين آهن ۽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ جي لائق آهن.


هو مون خدا سان ملاقات واري خيمي جي قنات ۽ پال ۽ سندس ڍڪ، ٻاهرين غلاف سميت جيڪو ڊالفن دريائي جانور جي کل جو آهي، سو ۽ خيمي جي در جو پردو کڻن.


هو پنهنجي سموري خدمت، سامان کڻڻ جي يا ڪا ٻي، هارون ۽ سندس پٽن جي نگرانيءَ هيٺ ڪندا. جيڪو بار کين کڻڻو هجي سو اوهين هنن جي ذمي مقرر ڪجو.


خداوند جي حڪم موجب موسيٰ جي معرفت هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي خدمت ۽ بار کڻڻ جي ڪم تي مقرر ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن سندن شمار ڪيو ويو.


هن ٻہ گاڏيون ۽ چار ڏاند بني جيرشون کي


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan