Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 4:23 - Muslim Sindhi Bible

23 جيڪي ٽيهن سالن جي عمر کان وٺي پنجاهہ سالن جي عمر تائين آهن ۽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ خدمت ڪرڻ جي لائق آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

23 ۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ شامل ٿين، تن سڀني جو شمار ڪر.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 4:23
18 Iomraidhean Croise  

سو لاويءَ جو اولاد اهي هئا، جن مان هر هڪ پنهنجي پنهنجي گھراڻي ۽ ڪٽنب جي وڏي طور پنهنجي پنهنجي نالي سان شمار ڪيو ويو. لاويءَ جي اولاد مان جيڪي ويهن سالن ۽ ان کان مٿي جي عمر جا هئا، سي خداوند جي هيڪل ۾ خدمت تي مقرر هئا.


سو دائود جي آخري هدايتن موجب ويهن سالن ۽ ان کان مٿي عمر وارا بني لاوي شمار ڪيا ويا.


ٽيهن سالن ۽ انهيءَ کان مٿي عمر وارن لاوين کي ڳڻيو ويو، جن جو تعداد اٺٽيهہ هزار ٿيو.


”بني جيرشون جي بہ نسل ۽ اباڻي ڪٽنب موجب سندن انهن سڀني مردن جو شمار ڪر،


بني جيرشون جي نسلن جو خدمت ڪرڻ ۽ سامان کڻڻ لاءِ هي ڪم آهي:


جيڪي ٽيهن سالن جي عمر کان وٺي پنجاهہ سالن جي عمر تائين آهن ۽ مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ ڪم ڪرڻ جي لائق آهن.


پر هو جڏهن پنجاهہ سالن جا ٿين تڏهن پنهنجي ڪم کان بس ڪن ۽ اڳتي خدمت نہ ڪن.


ڇا ڪڏهن ڪو پنهنجي خرچ تي فوج ۾ نوڪري ڪندو آهي؟ ڇا اهڙو ڪو مالهي آهي جيڪو انگورن جو باغ تہ لڳائي ٿو، پر ان جو ميوو نہ ٿو کائي؟ ڇا اهڙو ڪو ڌنار آهي جيڪو ڌڻ تہ چاري ٿو، پر انهيءَ ڌڻ جو کير نہ ٿو پيئي؟


سچو پيغام ٻڌائڻ سان ۽ خدا جي قدرت سان اسين پاڻ کي خدا جا خادم ثابت ڪريون ٿا. حملي ڪرڻ توڙي بچاءُ ڪرڻ لاءِ اسان وٽ سچائيءَ جا هٿيار آهن.


ڇاڪاڻ تہ انساني فطرت پاڪ روح جي برخلاف خواهش ڪري ٿي ۽ پاڪ روح انساني فطرت جي برخلاف. هي ٻئي هڪٻئي جا دشمن آهن. انهيءَ ڪري جيڪي اوهين ڪرڻ چاهيو ٿا سو نہ ٿا ڪريو.


اسين جيڪي عيسيٰ مسيح جا آهيون، تن انساني فطرت کي ان جي سوچن ۽ برين خواهشن سميت صليب تي چاڙهي ڇڏيو آهي.


اي منهنجا پٽ تيمٿيس! تو بابت خدا جي اڳي ڏنل فرمانن موجب آءٌ تو کي اهو حڪم ٿو ڏيان تہ تون انهن تي عمل ڪندي چڱي ويڙهہ وڙهندو رهہ ۽ پنهنجي ايمان ۽ صاف ضمير کي قائم رک.


آءٌ چڱي ويڙهہ وڙهي چڪو آهيان. آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪري چڪو آهيان. مون ايمان کي محفوظ رکيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan