Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 4:18 - Muslim Sindhi Bible

18 ”اوهين بني قهات جي نسل واري قبيلي کي لاوين منجھان برباد ٿيڻ نہ ڏجو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 اوهين بني قهات جي خاندان واري قبيلي کي، لاوين مان تباهہ ٿيڻ نہ ڏيو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 4:18
13 Iomraidhean Croise  

تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هيٺ لهي وڃي ماڻهن کي تاڪيد ڪر تہ مون کي ڏسڻ لاءِ حد نہ اورانگھين، نہ تہ انهن مان گھڻا مري ويندا.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهيءَ جهڙو ڪو ٻيو تيل ٺاهيندو يا انهيءَ مان ڪاهن کان سواءِ ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي لائيندو تہ اهو منهنجي قوم مان خارج ڪيو ويندو.“


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي سنگھڻ لاءِ انهيءَ جهڙو ٻيو ٺاهيندو تہ اهو منهنجي قوم مان خارج ڪيو ويندو.“


پوءِ تنهنجيون سڀ زالون ۽ ٻار بابلين وٽ آندا ويندا. تون پاڻ بہ انهن کان بچي ڪين نڪرندين ۽ هي شهر ساڙيو ويندو.“


زمين وات پٽيو ۽ هنن کي سندن گھر ٻار سميت ۽ قورح سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي سندن مال ملڪيت سميت ڳهي ويئي.


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”هارون جي لٺ عهد واري صندوق جي سامهون موٽائي رک. اها باغين لاءِ هڪ نشانيءَ طور رکي هجي. اهڙيءَ طرح هو منهنجيون شڪايتون ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندا ۽ مرڻ کان بچي ويندا.“


تون ۽ تنهنجا پٽ مقدس خيمي ۽ قربان‌گاهہ جي سنڀال ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اڳتي وري بني اسرائيل تي منهنجو غضب نازل نہ ٿئي.


عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزي‌ايل ڪٽنب قهات جي نسل مان هئا.


خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ


بلڪ جيئن هو جيئرا رهن ۽ انهن شين جي ويجھو اچڻ ڪري مري نہ پون جيڪي رڳو مون لاءِ ئي مخصوص آهن. تنهنڪري اوهين هيئن ڪريو جو هارون ۽ سندس پٽَ اندر وڃن ۽ انهن مان هر هڪ کي پنهنجي پنهنجي خدمت ۽ کڻڻ جي ذميواري ڏين.


خداوند بيت‌شمس جي ستر ماڻهن کي ماري ڇڏيو، انهيءَ لاءِ جو هنن خداوند جي عهد واري صندوق اندر نهاريو هو. سو ماڻهن ۾ روڄ راڙو پئجي ويو، ڇو تہ خداوند منجھن تباهي آڻي کين ماريو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan