ڳاڻاٽو 4:15 - Muslim Sindhi Bible15 جڏهن هارون ۽ سندس پٽ مقدس خيمي جي سڄي سامان کي ڍڪي بس ڪن ۽ منزل کڻي هلڻ جو وقت اچي، تڏهن بني قهات اهو سامان کڻڻ لاءِ اچن. پر هو انهن پاڪ شين کي نہ ڇهن، تہ جيئن مري نہ پون. مون خدا سان ملاقات واري خيمي جون اهي شيون کڻي هلڻ جي ذميواري بني قهات جي ئي آهي. Faic an caibideilSindhi Bible15 ۽ جڏهن هارون ۽ سندس پٽ، پاڪ مڪان ۽ انهي جي سامان کي ڍڪي بس ڪن، ۽ ڪوچ ڪرڻ جو وقت اچي، تڏهن قهات جا پٽ انهي جي کڻڻ لاءِ اچن: پر هو پاڪ مڪان کي نہ ڇهن متان مري پون. جماعت واري تنبوءَ مان اهي شيون قهات جي پٽن کي کڻڻيون آهن. Faic an caibideil |
جيڪي جنگي جوان بني روبن، بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي مان جنگ جي لاءِ آيا هئا سي موسيٰ جي چوڻ مطابق هٿيار ٻڌي ٻين ماڻهن کان اڳ ۾ جلدي جلدي عهد واري صندوق جي اڳيان لنگھي پار ويا ۽ يريحو شهر جي ويجھو ميدان تي لڙائيءَ لاءِ آيا. اهي اٽڪل چاليهہ هزار ماڻهو هئا. پوءِ جيستائين سڀ ماڻهو پار لنگھي نہ ويا ۽ اهو سمورو ڪم پورو نہ ٿيو جنهن جي ڪرڻ جو خداوند موسيٰ ۽ يشوع کي حڪم ڏنو هو، تيستائين ڪاهن عهد جي صندوق سميت اردن درياءَ جي وچ ۾ بيٺا رهيا.