Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 4:12 - Muslim Sindhi Bible

12 سڀيئي ٿانوَ، جيڪي مقدس جاءِ جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪم ٿا اچن سي سڀ کڻي هو هڪڙي آسماني رنگ جي ڪپڙي ۾ ويڙهين. پوءِ ڊالفن دريائي جانور جي کل سان ڍڪي اهي بہ ڏوليءَ ۾ رکن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 ۽ سڀيئي ٿانو، جيڪي پاڪ مڪان جي خدمت جي ڪم ۾ ٿا اچن، سي سڀ کڻي هڪڙي آسماني رنگ جي ڪپڙي ۾ ويڙهي، پوءِ مل ار مڇيءَ جي کل جي پوشن سان ڍڪين، ۽ اهي بہ پڃري تي رکن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 4:12
16 Iomraidhean Croise  

ٻيا لاوي عبادت ۾ استعمال ٿيندڙ ٿانوَن جي سنڀال ڪندا هئا. اهي ٿانوَ جڏهن بہ استعمال لاءِ ٻاهر کڻي وڃبا هئا يا موٽائي آندا ويندا هئا تڏهن هو انهن کي ڳڻيندا هئا.


ٻيا لاوي هيڪل جي سامان، ٿانوَن، ميدي، مئي، تيل، لوبان ۽ مصالحن تي مقرر ٿيل هئا.


هن تغاريون، ڪوڏريون ۽ ٿالهہ پڻ ٺهرايا. اهڙيءَ طرح حورام هيڪل لاءِ اهو سمورو پتل جو ڪم پورو ڪيو جنهن جو حڪم بادشاهہ سليمان کيس ڏنو هو،


تغاريون، ڪوڏريون، گوشت لاءِ ڪنڍا ۽ ٻيو سڀ گھربل سامان. جيڪي شيون ماهر ڪاريگر حورام هيڪل لاءِ بادشاهہ سليمان جي حڪم موجب ٺاهيون سي سڀ چمڪندڙ پتل جون هيون.


بادشاهہ سليمان هيڪل لاءِ سون مان هي سامان پڻ ٺهرايو: لوبان ساڙڻ لاءِ قربان‌گاهہ، نذراني وارا روٽ رکڻ لاءِ ميزون،


ڦلن لاهڻ لاءِ چمٽا، ٿالهہ، لوباندان ۽ ٽانڊن رکڻ لاءِ منگالا. اهو سڀ سامان نج سون مان ٺهرايو ويو. هيڪل جا دروازا يعني مقدس ترين جاءِ جا دروازا ۽ وڏي هال جا دروازا، پڻ سون مان ٺهرايا ويا.


گھيٽن جون ڳاڙهيون رڱيل کلون، ڊالفن دريائي جانور جون کلون ۽ ٻٻر جو ڪاٺ،


انهيءَ خيمي ۽ ان جي ٻئي سامان جو جيڪو نمونو آءٌ تو کي ڏيکاريندس تنهن موجب اهي ٺاهجو.“


عمدا ٺهيل ڪپڙا ۽ ڪهانت جي خدمت ڪرڻ واسطي هارون ڪاهن ۽ سندس پٽن جي لاءِ خاص پوشاڪون،


بلڪ اهي خيمي جي سموري سامان جي سنڀال ڪن ۽ بني اسرائيل جي پاران خدمت ڪن.


لوبان ساڙڻ واري سوني پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ جي مٿان هو آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي، پوءِ انهيءَ کي ڊالفن دريائي جانور جي کل سان ڍڪين، بعد ۾ منجھس ٻانهيون وجھن.


هو ساڙڻ وارين قربانين جي قربان‌گاهہ مان رک ڪڍي مٿس واڱڻائي رنگ جو ڪپڙو پکيڙي ڇڏين.


پوءِ هو ڊالفن دريائي جانور جي کل جو پوش انهيءَ تي وجھن، انهيءَ جي مٿان خالص آسماني رنگ جو ڪپڙو پکيڙي ڇڏين ۽ بعد ۾ منجھس ٻانهيون وجھن.


نذراني جي روٽن واري ميز تي آسماني رنگ جو ڪپڙو وڇائين. انهيءَ تي ٿالهيون، پيالا، وٽا ۽ اوتڻ واري نذراني لاءِ جڳ رکن. ان کان سواءِ انهيءَ تي روٽ بہ هميشہ رکيل هجن.


پوءِ هو آسماني رنگ جو ڪپڙو کڻي روشنائي ڏيڻ واري شمعدان، انهيءَ جي مٿان رکڻ وارن ڏيئن، انهن ۾ استعمال ٿيندڙ زيتون جي تيل وارن ٿانون ۽ ڏيئن جا ڦلا لاهي رکڻ وارن چمٽن ۽ منگالن مٿان وجھن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan