مون دان جي قبيلي مان احيسمڪ جي پٽ اهلياب کي بہ ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو آهي. سڀني ڪاريگر ماڻهن جي دلين ۾ هنر وڌو اٿم، انهيءَ لاءِ تہ جن شين جو مون تو کي حڪم ڏنو آهي، سي سڀ ٺاهي تيار ڪن،
انهيءَ هوندي بہ هو مقرر حد تائين منهنجي مقدس هيڪل جا خدمتگار ٿي رهندا. هو هيڪل جي لنگھن جي نگهباني ڪندا ۽ هيڪل جي خدمت چاڪريءَ جو ڪم بہ ڪندا. هو ماڻهن جي پاران ساڙڻ واريون قربانيون ۽ ٻيون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون بہ ڪهندا ۽ انهن ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ هيڪل وٽ حاضر رهندا.