Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 36:9 - Muslim Sindhi Bible

9 اهڙيءَ طرح ڪنهن جو بہ ورثو هڪڙي قبيلي مان ٻئي قبيلي ۾ نہ وڃي، بلڪ هر ڪو قبيلو پنهنجو ورثو پنهنجي قبضي ۾ رکي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 انهيءَ طرح ڪنهن جو بہ ورثو هڪڙي قبيلي مان نڪري ٻئي قبيلي ۾ نہ ويندو؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل جي قبيلن مان هرڪو پنهنجو پنهنجو ورثو پنهنجي قبضي ۾ رکندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 36:9
6 Iomraidhean Croise  

پر نابوت اخي‌اب کي چيو تہ ”اهو خدا جي حڪم جي خلاف آهي جو آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن جو ورثو توهان کي ڏيان.“


سو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو تيئن ئي صلافحاد جي ڌيئرن ڪيو.


بني اسرائيل جي ڪنهن بہ شخص جو ورثو هڪڙي قبيلي مان نڪري ٻئي قبيلي ۾ نہ وڃي، بلڪ سندس ئي قبيلي ۾ رهي ۽ پاڻ ئي انهيءَ جو وارث رهي.


بني اسرائيل جي ڪنهن بہ قبيلي ۾ جيڪڏهن ڪا ڇوڪري ورثي جي مالڪ هجي تہ اُها انهيءَ ئي قبيلي جي ڪنهن مرد سان شادي ڪري، انهيءَ لاءِ تہ هر شخص پنهنجي اباڻي ورثي جو وارث رهي.


ان کان پوءِ يشوع ماڻهن کي روانو ڪيو ۽ هر ڪو پنهنجي پنهنجي ورثي طور مليل زمين ڏانهن واپس هليو ويو.


سو اي منهنجا آقا بادشاهہ! هاڻي پنهنجي هن ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن توهان کي خداوند منهنجي خلاف کڙو ڪيو آهي تہ پوءِ منهنجي ڏوهہ کي معاف ڪرڻ لاءِ شل هو نذرانو قبول ڪري. پر جيڪڏهن اهو ڪن انسانن جو ڪم آهي تہ شل اهي خداوند جي آڏو لعنتي ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي قوم ۾ منهنجو ڪو حصو نہ رهي ۽ مون کي چون ٿا تہ ’وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪر.‘


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan