Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 36:6 - Muslim Sindhi Bible

6 تنهنڪري صلافحاد جي ڌيئرن بابت خداوند جو هي حڪم آهي تہ اهي جنهن سان وڻين تنهن سان پرڻجن، پر رڳو پنهنجي ئي قبيلي ۾ پرڻجن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 سو صلافحاد جي ڌيئرن بابت خداوند جو هي حڪم آهي، تہ اهي جنهن سان وڻين تنهن سان پرڻجن؛ پر رڳو پنهنجي پيءُ جي قبيلي ۾ ئي پرڻجن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 36:6
7 Iomraidhean Croise  

آءٌ تو کي خداوند، زمين ۽ آسمان جي خدا جو قسم ٿو ڏيان تہ جن ڪنعانين ۾ آءٌ رهان ٿو تن جي ڌيئرن مان ڪنهن سان بہ تون منهنجي پٽ جي شادي نہ ڪرائيندين.


اليعزر ري‌پٽيتو مري ويو، کيس رڳو ڌيئر هيون. قيس جا پٽ جيڪي سندن سؤٽ هئا تن ساڻن شاديون ڪيون.


”صلافحاد جون ڌيئر سچ ٿيون چون. تون کين سندن پيءُ جي مائٽن سان گڏ ورثي جو حق ڏي. انهن کي سندن پيءُ جو ورثو ڏي.


انهن يوسف جي پٽ منسيءَ جي اولاد جي گھراڻن ۾ شادي ڪئي ۽ انهن جو ورثو سندن پيءُ جي قبيلي ۾ ئي رهيو.


تڏهن موسيٰ بني اسرائيل کي خداوند جي حڪم موجب هي جواب ڏنو تہ ”يوسف جي اولاد جي قبيلي وارا سچ ٿا چون.


جيڪي مسيح تي ايمان نہ ٿا رکن تن سان پابند رهڻ کان پري رهو، ڇاڪاڻ تہ سچائي ۽ بدڪاري ڪيئن گڏ رهنديون؟ يا روشني ۽ اونداهيءَ جي وچ ۾ ڪهڙو لاڳاپو آهي؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan