10 سو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو تيئن ئي صلافحاد جي ڌيئرن ڪيو.
10 سو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو، تيئن ئي صلافحاد جي ڌيئرن ڪيو:
هوڏانهن يهوداہ جي سڀني ماڻهن جي دلين ۾ خداوند اهو خيال وڌو تہ اهي بادشاهہ ۽ سندس عملدارن جي حڪم موجب سندس فرمان جي تعميل ڪن.
سو سڄي بني اسرائيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو.
جڏهن موسيٰ بني اسرائيل کي اهو سڀ ٻڌايو، تڏهن هو انهيءَ لعنت ڪندڙ کي خيميگاهہ کان ٻاهر وٺي ويا ۽ کيس سنگسار ڪيائون. اهڙيءَ طرح بني اسرائيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.
صلافحاد جون ڌيئر محلاہ، ترضاہ، حجلاہ، مِلڪاہ ۽ نوعاہ پنهنجن سؤٽن سان ئي پرڻيون.
اهڙيءَ طرح ڪنهن جو بہ ورثو هڪڙي قبيلي مان ٻئي قبيلي ۾ نہ وڃي، بلڪ هر ڪو قبيلو پنهنجو ورثو پنهنجي قبضي ۾ رکي.“
۽ کين تعليم ڏيو تہ انهن سڀني ڳالهين تي عمل ڪن جن جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي. يقين ڪريو تہ آءٌ دنيا جي پڄاڻيءَ تائين هميشہ اوهان سان هوندس.“
اهي اليعزر ڪاهن، يشوع ولد نون ۽ اڳواڻن جي اڳيان اچي چوڻ لڳيون تہ ”خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو تہ اسان کي بہ اسان جي مائٽن سان گڏ ورثو ڏنو وڃي.“ تنهنڪري خداوند جي حڪم موجب يشوع سندن پيءُ جي ڀائرن سان گڏ هنن کي ورثو ڏنو.