Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 34:8 - Muslim Sindhi Bible

8 ۽ اتان کان حمات لڪ تائين رکجو. اها اتان نڪري صداد

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ حور جبل کان اوهين حمات جي گهڙڻ واريءَ جاءِ تائين نشان ڪجو؛ ۽ اتان نڪري سرحد ضداد تائين ويندي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 34:8
12 Iomraidhean Croise  

جڏهن حمات جي بادشاهہ توغيءَ ٻڌو تہ دائود هددعزر جي سڄي فوج کي شڪست ڏيئي ڇڏي آهي،


انهيءَ وقت اتي خداوند بني اسرائيل جي خدا آڏو سليمان ۽ ساڻس گڏ سڄي بني اسرائيل جي هڪ تمام وڏي ميڙ تنبن واري عيد بہ ملهائي. اتر طرف حمات لڪ کان وٺي ڏکڻ طرف مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان آيل انهن ماڻهن اها عيد ست ڏينهن هڪڙا ۽ ست ڏينهن ٻيا، ڪُل چوڏهن ڏينهن ملهائي.


هن اسرائيل جا اڳيان علائقا وري فتح ڪيا، جيڪي اتر ۾ حمات لڪ کان وٺي ڏکڻ ۾ کاري سمنڊ تائين هئا. اهو ائين ئي ٿيو جيئن خداوند، بني اسرائيل جي خدا پنهنجي ٻانهي جات‌حفر شهر واري نبي يونس ولد اَمتيءَ جي معرفت فرمايو هو.


اروادي، صماري ۽ حماتي.


پوءِ دائود ڏکڻ طرف مصر جي سيحور نديءَ کان وٺي اتر ۾ حمات لڪ تائين بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڏائي گڏ ڪيو، تہ جيئن قريت‌يعريم مان خدا جي عهد واري صندوق کڻي اچڻ وقت اهي موجود هجن.


مون اڳ ۾ ئي ڪلنہ توڙي ڪرڪميس شهر، ۽ حمات توڙي ارفاد شهر فتح ڪري ورتا آهن. انهن کان علاوہ سامريہ توڙي دمشق پڻ فتح ڪيو اٿم.


پر بابلي لشڪر هنن جي پٺيان پيو ۽ يريحو جي بيابان ۾ صدقياہ کي وڃي پهتو. هو صدقياہ کي پڪڙي حمات جي علائقي ۾ ربلہ شهر منجھہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر وٽ وٺي آيا، جتي هن صدقياہ لاءِ سزا جو اعلان ڪيو.


تنهنڪري خداوند قادرِمطلق خدا ٿو فرمائي تہ ”اي اسرائيل وارؤ! ڏسو، آءٌ اوهان جي ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي قوم چاڙهي آڻيندس، جيڪا اتر ۾ حمات جي لنگھہ کان وٺي ڏکڻ ۾ بيابان واري برساتي نهر تائين اوهان کي آزاريندي رهندي.“


پوءِ هو اتان اتر طرف روانا ٿيا ۽ ڪنعان ملڪ جي ڏاکڻي علائقي صين جي بيابان کان وٺي ملڪ جي اتر طرف رحوب تائين جيڪو حمات لڪ جي ويجھو آهي، سڄي ملڪ جو حال احوال معلوم ڪيائون.


۽ زفرون مان لنگھي حصر‌عينان تي وڃي پوري ٿيندي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan