Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 34:6 - Muslim Sindhi Bible

6 سمنڊ جو ڪنارو اوهان جي لاءِ اولهہ واري سرحد ٿيندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ اُلهندي واري سرحد اوهان جي لاءِ وڏو سمنڊ ۽ انهي جو ڪنارو ٿيندي: اها اوهان جي اُلهندي واري سرحد ٿيندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 34:6
12 Iomraidhean Croise  

عين‌جديءَ جي چشمي کان وٺي عين‌عجليم جي چشمي تائين کاري سمنڊ جي ٻنهي ڪنارن تي مڇي مارڻ وارا بيٺا مڇي پيا ماريندا ۽ ڪنارن تي سڪائڻ لاءِ جيڏانهن تيڏانهن سندن ڄار پکيڙيل هوندا. انهيءَ سمنڊ جون مڇيون بہ وڏي ڀونوچ سمنڊ جي مڇين وانگر قسمين قسمين جون ۽ تمام گھڻيون هونديون.


اتر پاسي واري سرحد ڀونوچ سمنڊ کان وٺي اوڀر ڏانهن حتلون شهر جي رستي حمات لڪ کان ويندي صداد شهر تائين،


اولهہ طرف واري سرحد ڀونوچ سمنڊ جو ڪنارو هوندي، جيڪا اتر طرف حمات لڪ جي اولهہ پاسي تائين هوندي.


پوءِ اها ئي سرحد اتان ڦري، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان ٿيندي ڀونوچ سمنڊ تي وڃي پوري ٿيندي.


اوهان اتر واري سرحد سمنڊ کان وٺي هور جبل تائين


ان کان سواءِ نفتاليءَ جو سڄو علائقو، افرائيم ۽ منسيءَ جو سڄو علائقو ۽ يهوداہ جو سڄو علائقو اولهہ طرف ڀونوچ سمنڊ تائين ڏيکاريائينس.


اوهان جون سرحدون ڏکڻ ۾ بيابان تائين، اتر ۾ لبناني جبلن جي قطار تائين، اوڀر ۾ حتين جي سڄي ملڪ سميت وڏي نديءَ فرات تائين ۽ اولهہ ۾ ڀُونوِچ سمنڊ تائين ٿينديون.


پوءِ اتان عقرون جي اترينءَ لاهيءَ ڏانهن وڃي سڪرون ڏانهن ڦري ۽ بعلہ جبل وٽان لنگھي يبني‌ايل وٽ پهتي. اها سرحد ڀُونوِچ سمنڊ تي ختم ٿي


۽ اِهو ئي سمنڊ اولهہ واري سرحد هئي. يهوداہ قبيلي جون اهي سرحدون هيون.


اشدود ۽ غزہ ۽ آس‌پاس وارا ننڍا شهر ۽ ڳوٺ جيڪي مصر جي سرحد واري برساتي نهر جي ڪناري ۽ ڀُونوِچ سمنڊ جي ڪناري تائين هئا.


هي قومون جيڪي باقي بچيون آهن تن جي زمين ۽ پڻ انهن قومن جي زمين جن کي مون فتح ڪيو آهي، اردن درياءَ کان وٺي اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين، سا اوهان جي قبيلن کي مون ورثي طور ورهائي ڏني آهي.


هوڏانهن اهي بادشاهہ جيڪي اردن درياءَ جي اولهہ طرف ٽڪرين ۾، هيٺاهن ڍورن ۾ ۽ وڏي سمنڊ جي ڪناري سان لبنان ملڪ تائين حتين، امورين، ڪنعانين، فرزين، حوين ۽ يبوسين جا بادشاهہ هئا، تن جڏهن بني اسرائيل جي ڪاميابين جون اهي ڳالهيون ٻڌيون،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan