Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 34:5 - Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ اها ئي سرحد اتان ڦري، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان ٿيندي ڀونوچ سمنڊ تي وڃي پوري ٿيندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 پوءِ سرحد عضمون کان ڦري، مصر جي نديءَ تائين ويندي، ۽ سمنڊ تي وڃي پوري ٿيندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 34:5
8 Iomraidhean Croise  

انهيءَ مهل خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪندي چيو تہ ”آءٌ هي سڄو ملڪ، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان وٺي وڏي ندي فرات تائين تنهنجي اولاد کي ڏيڻ جو عهد ٿو ڪريان،


انهيءَ وقت اتي خداوند بني اسرائيل جي خدا آڏو سليمان ۽ ساڻس گڏ سڄي بني اسرائيل جي هڪ تمام وڏي ميڙ تنبن واري عيد بہ ملهائي. اتر طرف حمات لڪ کان وٺي ڏکڻ طرف مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان آيل انهن ماڻهن اها عيد ست ڏينهن هڪڙا ۽ ست ڏينهن ٻيا، ڪُل چوڏهن ڏينهن ملهائي.


اي بني اسرائيل! اهو ڏينهن ايندو جڏهن خداوند فرات نديءَ کان وٺي مصر جي سرحد واري برساتي نهر تائين اوهان کي داڻو داڻو ڪري چونڊي گڏ ڪندو، جيئن بُهہ مان ڪڻڪ چونڊي الڳ ڪئي ويندي آهي.


ڏکڻ پاسي واري سرحد تمر کان وٺي ڏکڻ اولهہ ۾ مريباہ قادش جي چشمي تائين ۽ پوءِ مصر جي سرحد سان ويندي اتر اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين هوندي.


هو ڀونوچ سمنڊ ۽ شان واري مقدس جبل صيئون جي وچ تي پنهنجا شاهي خيما کوڙيندو. پر نيٺ سندس خاتمو ٿيندو ۽ ڪوبہ سندس مدد ڪرڻ وارو نہ هوندو.“


عضمون ڏانهن هلي وڃي، مصر جي سرحدي برساتي نهر کان ٿيندي ڀُونوِچ سمنڊ تي وڃي ختم ٿي. اها انهن جي ڏاکڻي سرحد هئي.


اشدود ۽ غزہ ۽ آس‌پاس وارا ننڍا شهر ۽ ڳوٺ جيڪي مصر جي سرحد واري برساتي نهر جي ڪناري ۽ ڀُونوِچ سمنڊ جي ڪناري تائين هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan