ڳاڻاٽو 34:3 - Muslim Sindhi Bible3 اوهان جو ڏکڻ وارو حصو صين جي بيابان تان ٿيندو، جيڪو ادوم جي سرحد تي آهي. انهيءَ حصي جي سرحد جو اوڀر وارو پاسو کاري سمنڊ جي ڏاکڻي ڇيڙي کان شروع ٿيندو. Faic an caibideilSindhi Bible3 تڏهن اوهان جي ڏکڻ واري سرحد صين جي بيابان کان وٺي ادوم جي سرحد تائين ٿيندي، ۽ اوهان جي ڏاکڻي سرحد کاري سمنڊ جي ڇيڙي کان وٺي اُڀرندي ڏانهن ٿيندي: Faic an caibideil |
خداوند خدا بني اسرائيل جي ماڻهن کي فرمايو تہ ”مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان واعدو ڪيو هو تہ اهو ملڪ سندن اولاد کي ميراث طور عطا ڪندس. سو جڏهن اوهان بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن ۾ هي ملڪ ورهايو وڃي تڏهن انهيءَ کي هڪ جيترن حصن ۾ ورهايو وڃي، جڏهن تہ بني يوسف جي قبيلي کي ٻہ حصا ڏنا وڃن. ملڪ جون سرحدون هن ريت هونديون.
تيئن ئي مٿان ايندڙ پاڻيءَ جو وهڪرو بند ٿي ويو. گھڻو پري ادم شهر وٽ، جيڪو ضرتان جي ڀرسان آهي، پاڻي هڪ هنڌ ڪٺو ٿي مٿي چڙهڻ لڳو، جڏهن تہ آرباہ جي سمنڊ يعني کاري سمنڊ ڏانهن وهندڙ پاڻي ڇڄي ڌار ٿي پيو. عهد واري صندوق کڻي هلندڙ ڪاهن اردن درياءَ جي وچ ۾ سڪيءَ زمين تي ايتري تائين ڄمي بيهي رهيا جيتري تائين سڄي قوم اردن درياءَ منجھان سڪيءَ زمين تان لنگھي پار نہ ٿي. سو بني اسرائيل يريحو شهر جي سامهون لنگھي پار ٿيا.