Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 34:19 - Muslim Sindhi Bible

19 انهن اڳواڻن جا نالا هي آهن: يهوداہ قبيلي جو اڳواڻ ڪالب ولد يفنہ،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 ۽ انهن ماڻهن جا نالا هي آهن: يهوداهہ جي قبيلي مان، يفنہ جو پٽ ڪالب.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 34:19
15 Iomraidhean Croise  

پوءِ هوءَ وري بہ پيٽ سان ٿي ۽ کيس پٽ ڄائو. هن چيو تہ ”هن ڀيري آءٌ خداوند جي واکاڻ ڪنديس.“ تنهنڪري انهيءَ جو نالو يهوداہ رکيائين. پوءِ ٻار ڄڻڻ بس ڪيائين.


جڏهن يعقوب انهيءَ علائقي ۾ رهيو پيو هو تڏهن هڪ ڏينهن روبن پنهنجي پيءُ يعقوب جي سريت بلهاہ سان وڃي ستو ۽ يعقوب کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئجي ويئي.


يعقوب کي ٻارهن پٽ هئا جن مان لياہ مان هئس: روبن، جيڪو يعقوب جو وڏو پٽ هو، شمعون، لاوي، يهوداہ، اِسڪار ۽ زبولون.


جِلعاد جو علائقو منهنجو آهي ۽ منسي بہ منهنجو آهي، افرائيم منهنجو لوهي ٽوپ آهي، ۽ يهوداہ منهنجي شاهي لٺ آهي.


تڏهن ڪالب موسيٰ جي روبرو ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو تہ ”هلو تہ هڪدم هلي اهو ملڪ هٿ ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان ۾ ايتري سگھہ آهي جو اهو پنهنجي قبضي ۾ ڪري سگھون.“


روبن قبيلي جو اڳواڻ شموع ولد زڪور،


يهوداہ قبيلي جو اڳواڻ ڪالب ولد يفنہ،


پر منهنجو ٻانهو ڪالب جنهن جو روح ٻئي قسم جو آهي ۽ پوريءَ طرح منهنجي فرمانبرداري ڪئي اٿائين، تنهن کي آءٌ انهيءَ ملڪ ۾ وٺي ويندس جنهن ۾ هو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ ويو هو ۽ اهو ملڪ سندس اولاد جي ميراث ٿيندو.


تن مان يفنہ جي پٽ ڪالب ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ڪوبہ انهيءَ ملڪ ۾ داخل نہ ٿيندو، جنهن بابت مون قسم کڻي چيو هو تہ آءٌ اوهان کي اُتي رهائيندس.


ملڪ جو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ ويل ماڻهن مان رڳو نون جو پٽ يشوع ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب ئي وڃي جيئرا رهيا.


تڏهن نون جو پٽ يشوع ۽ يفنہ جو پٽ ڪالب، جيڪي انهيءَ ملڪ جو حال احوال معلوم ڪرڻ وارن مان هئا، تن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا.


اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو خداوند انهن جي باري ۾ فرمايو هو تہ ”اهي سڀ ضرور بيابان ۾ مري ويندا.“ سو انهن مان يفنہ جي پٽ ڪالب ۽ نون جي پٽ يشوع کان سواءِ ٻيو هڪڙو بہ ماڻهو ڪونہ بچيو.


تون هر هڪ قبيلي مان هڪ هڪ اڳواڻ مقرر ڪر، تہ جيئن اهي ملڪ ورهائي ڏيڻ ۾ انهن جي مدد ڪن.“


رڳو يفنہ جو پٽ ڪالب اهو ملڪ ڏسندو. جنهن زمين جو هو حال معلوم ڪري آيو آهي سا آءٌ انهيءَ کي ۽ سندس اولاد کي ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هن مون خداوند جي پوريءَ طرح فرمانبرداري ڪئي آهي.‘


يهوداہ قبيلي لاءِ دعا گھرندي هن چيو تہ ”اي خداوند! تون بني يهوداہ جو فرياد ٻڌ، هنن کي آڻي پنهنجي قوم جي ٻين قبيلن سان متحد ڪر. تون ئي کين توفيق بخش ۽ دشمنن خلاف سندن مددگار ٿيءُ.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan