Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 34:13 - Muslim Sindhi Bible

13 پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي چيو تہ ”اهو آهي اُهو ملڪ جيڪو اوهين پاڻ ۾ پُکن رستي ورثي طور ورهائيندا. اهو ملڪ خداوند ساڍن نون قبيلن کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي حڪم ڏيئي چيو، تہ جيڪو ملڪ اوهين پُکا وجهي ورهائي ورثي ۾ کڻندا، ۽ جنهن جي بابت خداوند حڪم ڪيو آهي، تہ انهن نوَن قبيلن ۽ اڌ قبيلي کي ڏئي سو اهو آهي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 34:13
10 Iomraidhean Croise  

انهيءَ مهل خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪندي چيو تہ ”آءٌ هي سڄو ملڪ، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان وٺي وڏي ندي فرات تائين تنهنجي اولاد کي ڏيڻ جو عهد ٿو ڪريان،


خداوند فرمايو تہ ”جڏهن بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن ۾ سندن ملڪ جي زمين ورهائي وڃي، تڏهن زمين جو هڪڙو حصو پاڪ نذراني طور مون خداوند جي لاءِ وقف ڪيو وڃي، جنهن جي ڊيگھہ اولهہ کان اوڀر طرف ساڍا ٻارهن ڪلوميٽر ۽ ويڪر ڏکڻ کان اتر طرف ڏهہ ڪلوميٽر هجي. اها سڄي ايراضي مون لاءِ مخصوص هوندي.


پوءِ جڏهن خداوند جو پنهنجيءَ قوم کي سندن ملڪيت موٽائي ڏيڻ جو وقت ايندو، تڏهن انهن اميرن مان ڪنهن کي بہ حصو نہ ملندو.


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ


البت زمين جي ورهاست لاءِ پُکا وڌا وڃن. سڀني کي سندن اباڻن قبيلن جي نالن موجب حصو ڏنو وڃي.


خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ


پوءِ اتان اردن درياءَ جي ڪناري ڪناري هيٺ لنگھندي وڃي کاري سمنڊ تي پوري ٿيندي. اوهان جي ملڪ جون اهي ئي چوڌاري سرحدون هونديون.‘“


هر اها جاءِ جتي اوهان جي پيرن جي تري لڳندي، سا اوهان جي ٿيندي. اوهان جي سرحد ڏکڻ طرف بيابان کان وٺي اتر طرف لبنان جي جبلن تائين ۽ اوڀر ۾ وڏي ندي فرات کان وٺي اولهہ ۾ ڀونوچ سمنڊ تائين هوندي.


سو هاڻ اهو ملڪ تون انهن باقي نون قبيلن ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ورهائي ڏي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan