Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 34:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اها سرحد شفام کان ڏکڻ طرف ربلہ شهر تائين ويندي، جيڪو عين جي اوڀر ۾ آهي. اتان وري گليل ڍنڍ جي اوڀر طرف چاڙهيءَ جي چوٽيءَ کان ٿيندي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ۽ سرحد سفام کان لهي ربلہ تائين، عين جي اُڀرندي پاسي ويندي؛ وري اتان لهي اڀرندي ڏانهن ڪنرت جي سمنڊ تائين ويندي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 34:11
16 Iomraidhean Croise  

بادشاهہ نڪوہ جو لشڪر يروشلم تي ڪاهي آيو ۽ يهوآخز کي تخت تان لاهي ڇڏيائون. نڪوہ کيس گرفتار ڪري حمات علائقي جي ربلہ شهر منجھہ قيد ۾ رکي ڇڏيو. هن يهوداہ ملڪ کان ساڍا ٽي هزار ڪلوگرام چاندي ۽ پنجٽيهہ ڪلوگرام سون ڍل طور ورتو.


سو هنن بادشاهہ کي پڪڙي ورتو. پوءِ هن کي ربلہ شهر ۾ بابل جي بادشاهہ وٽ آندو ويو جتي کيس سزا ٻڌائي ويئي.


اتي ربلہ ۾ صدقياہ بادشاهہ جي پٽن کي بابل جي بادشاهہ سندس اکين اڳيان قتل ڪرايو. هن يهوداہ جي سڀني عملدارن کي پڻ قتل ڪرايو.


سو بادشاهہ کي پڪڙي وڌائون. پوءِ صدقياہ بادشاهہ کي حمات علائقي جي ربلہ شهر ۾ بابل جي بادشاهہ وٽ پيش ڪيو ويو، جتي هن سندس سزا جو اعلان ڪيو.


اوهين اوڀر واري سرحد حصر‌عينان کان وٺي شفام تائين رکجو.


پوءِ اتان اردن درياءَ جي ڪناري ڪناري هيٺ لنگھندي وڃي کاري سمنڊ تي پوري ٿيندي. اوهان جي ملڪ جون اهي ئي چوڌاري سرحدون هونديون.‘“


عيسيٰ پنهنجي شاگردن سان گڏ ڍنڍ پار ڪري گنيسرت جي علائقي ۾ آيو.


هڪڙي دفعي جڏهن عيسيٰ گليل ڍنڍ جي ڪناري تي بيٺو هو تہ ماڻهن جا ميڙ مٿس ڳاهٽ پئي ٿيا، انهيءَ لاءِ تہ خدا جون ڳالهيون ٻڌن.


هڪ دفعي جڏهن عيسيٰ گليل ڍنڍ يعني تبرياس ڍنڍ جي هُن ڀر روانو ٿيو،


انهن ٻنهي علائقن جي اولهہ طرف سرحد اردن درياءُ آهي، يعني گليل ڍنڍ کان وٺي کاري سمنڊ تائين، جتي سمنڊ جي اوڀر ۾ پسگاہ جبل جون لاهيون پکڙيل آهن، سو سڀ پڻ مون انهن کي ڏنو.


اتر پاسي جابلو علائقن وارا بادشاهہ، گليل ڍنڍ جي ڏکڻ واري اردن ماٿريءَ ۽ هيٺاهين زمينن وارا بادشاهہ ۽ اولهہ ڏانهن ڀونوِچ سمنڊ جي ڪناري تي دور شهر جي آس‌پاس وارا بادشاهہ.


هن جي بادشاهي اردن درياءَ جي اوڀر واري ميدان تي پڻ هئي، يعني گليل ڍنڍ کان کاري سمنڊ تائين بيت‌يسيموت ڏانهن ويندڙ رستي تي ۽ ڏکڻ ۾ وري پسگہ جي لاهيءَ جي هيٺ تائين.


اردن جي ماٿريءَ ۾ بيت هارم، بيت نمرہ، سڪات ۽ صفون ۽ حشبون جي بادشاهہ سيحون جي باقي بچيل بادشاهت سميت، اردن درياءَ جي اوڀر طرف گليل ڍنڍ تائين.


قلعن وارا شهر هي هئا: صديم، صير، حمات، رقت، ڪنرت،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan