Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 34:1 - Muslim Sindhi Bible

1 خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس، تہ

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 34:1
7 Iomraidhean Croise  

انهيءَ مهل خداوند ابرام سان هڪڙو عهد ڪندي چيو تہ ”آءٌ هي سڄو ملڪ، مصر جي سرحد واري برساتي نهر کان وٺي وڏي ندي فرات تائين تنهنجي اولاد کي ڏيڻ جو عهد ٿو ڪريان،


هنن وراڻيو تہ ”اسين توهان جا غلام ڪنعان ملڪ جي هڪڙي ئي ماڻهوءَ جا پٽ، پاڻ ۾ ٻارهن ڀائر هئاسون. سڀني کان ننڍو هن وقت اسان جي پيءُ وٽ آهي ۽ هڪڙي جو پتو ڪونهي.“


خداوند خدا بني اسرائيل جي ماڻهن کي فرمايو تہ ”مون اوهان جي ابن ڏاڏن سان واعدو ڪيو هو تہ اهو ملڪ سندن اولاد کي ميراث طور عطا ڪندس. سو جڏهن اوهان بني اسرائيل جي ٻارهن قبيلن ۾ هي ملڪ ورهايو وڃي تڏهن انهيءَ کي هڪ جيترن حصن ۾ ورهايو وڃي، جڏهن تہ بني يوسف جي قبيلي کي ٻہ حصا ڏنا وڃن. ملڪ جون سرحدون هن ريت هونديون.


هو بيهي ٿو تہ زمين ڪنبي ٿي وڃي، هو نهاري ٿو تہ قومون ڏڪي ٿيون وڃن. ۽ اهي قديمي جبل ۽ ٽڪريون جن تي هو گھمندو هو، سي سندس گھمڻ سان ڀورا ڀورا ٿي وينديون هيون.


سو جيڪڏهن اوهان انهن کي ڀڄائي نہ ڪڍيو تہ پوءِ آءٌ اوهان سان اهو ڪجھہ ڪندس جيڪي مون هنن سان ڪرڻ ٿي گھريو.“


پوءِ موسيٰ بني اسرائيل کي چيو تہ ”اهو آهي اُهو ملڪ جيڪو اوهين پاڻ ۾ پُکن رستي ورثي طور ورهائيندا. اهو ملڪ خداوند ساڍن نون قبيلن کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي.


”بني اسرائيل کي حڪم ڏئي چئُہ تہ ’جڏهن اوهين ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيندا، جيڪو اوهان کي ورثي طور ورهائجي ملندو، تنهن جون سرحدون هي هونديون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan