16 وري هو اتان روانا ٿيا ۽ قبروتهتاواہ ۾ اچي منزل ڪيائون.
16 وري سينا جي بيابان مان نڪري، قبروت هتاوہ ۾ اچي لٿا.
سو هو خداوند جي جبل کان روانا ٿيا ۽ ٽي ڏينهن پنڌ ڪيائون. خداوند جي عهد واري صندوق اهي ٽيئي ڏينهن انهن جي واسطي آرام ڪرڻ جي جاءِ ڳولڻ لاءِ سندن اڳيان پئي هلي.
سو انهيءَ هنڌ جو نالو ”سَڌَ جون قبرون“ رکيو ويو، ڇاڪاڻ تہ اتي انهن ماڻهن کي دفن ڪيائون جن گوشت جي اجائي سَڌَ ڪئي هئي.
انهن ۾ جيڪي بدمعاش ماڻهو گڏيل هئا، سي گوشت کائڻ جون اجايون سڌون ڪرڻ لڳا. انهيءَ ڪري بني اسرائيل وري بہ روئڻ لڳا ۽ چوڻ لڳا تہ ”ڪير اسان کي کائڻ لاءِ گوشت ڏيندو؟
پوءِ هو اتان روانا ٿيا ۽ حصيرات ۾ اچي منزل ڪيائون.
”جڏهن اسين سينا جبل وٽ هئاسين، تڏهن خداوند اسان جي خدا اسان کي چيو هو تہ ’اوهين هن جبل تي گھڻو رهيا آهيو.