Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 32:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ڇو اوهين بني اسرائيل کي پار پهچي انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان بي‌همت ٿا ڪريو، جيڪو ملڪ خداوند هنن کي ڏنو آهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 ڇو اوهين بني اسرائيل کي انهي ملڪ تائين پهچڻ کان دل شڪستو ٿا ڪريو، جو ملڪ خداوند هنن کي ڏنو آهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 32:7
9 Iomraidhean Croise  

انهن موسيٰ کي چيو تہ ”جنهن ملڪ ۾ توهان اسان کي اتي جو حال احوال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو، انهيءَ ۾ اسين وياسين. سچ پچ تہ اهو ملڪ تمام آسودو ۽ خوشحال آهي ۽ هي انهيءَ جو ميوو آهي.


پر جيڪي ماڻهو هن سان گڏ ويا هئا تن چيو تہ ”نہ، اسان ۾ ايتري سگھہ ناهي جو انهن تي حملو ڪري سگھون، ڇو تہ اهي اسان کان وڌيڪ طاقتور آهن.“


روبن قبيلي جو اڳواڻ شموع ولد زڪور،


پوءِ بني اسرائيل هور جبل کان ڳاڙهي سمنڊ جي رستي روانا ٿيا تہ جيئن ادوم ملڪ جي سرحد جي ٻاهران ڦيرو ڏيئي لنگھي وڃن. پر انهيءَ ڊگھي رستي جي ڪري هو بي‌صبر ٿي پيا.


تڏهن موسيٰ جد ۽ روبن قبيلي وارن کي چيو تہ ”اوهان جا هم‌قوم ڀائر تہ جنگ تي ويندا ۽ اوهين هتي ويٺا رهندا ڇا؟


هو اِشڪال جي برساتي نهر تائين ويا ۽ انهيءَ ملڪ بابت احوال معلوم ڪيائون. پوءِ اتان واپس اچي بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿيڻ کان بي‌همت ڪري ڇڏيائون جيڪو کين خداوند ڏنو هو.


پر هن جواب ڏنو تہ ”اوهين روئي رڙي منهنجي دل ڇو ٿا ڀڃو؟ آءٌ يروشلم ۾ نہ رڳو خداوند عيسيٰ جي واسطي ٻڌجڻ لاءِ، بلڪ اتي مرڻ لاءِ بہ تيار آهيان.“


هاڻي اسين اوڏانهن ڪيئن وڃون؟ اسان جن کي ملڪ جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو تن تہ اسان جي دل ڀڃي ڇڏي آهي. هو چون ٿا تہ اُتي جا ماڻهو اسان کان وڌيڪ طاقتور آهن، سندن قد ڊگھا آهن، هنن جا شهر وڏا آهن ۽ انهن شهرن جون ڀتيون آسمان سان ڳالهيون ٿيون ڪن. ان کان سواءِ هنن اتي عناق جو اولاد راڪاس بہ ڏٺا آهن.‘


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan