Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 32:32 - Muslim Sindhi Bible

32 اسين هٿيار ٻڌي خداوند جي نگهبانيءَ هيٺ پرينءَ ڀر ڪنعان جي ملڪ ۾ جنگ تي وينداسين پر ملڪيت اسان کي اردن درياءَ جي هِن ڀر ئي ملي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

32 اسين هٿيار ٻڌي خداوند جي حضور ۾ پرئين ڀر ڪنعان جي ملڪ ۾ وينداسين، پر اسان جي موروثي ملڪيت يردن جي هن ڀر رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 32:32
10 Iomraidhean Croise  

”جڏهن اوهين ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو، جيڪو آءٌ اوهان کي ملڪيت ڪري ڏيڻ وارو آهيان ۽ جڏهن اوهان جي انهيءَ ملڪ جي ڪنهن گھر ۾ آءٌ سينور جو مرض وجھان،


اسين اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر هنن سان گڏ ورثو ڪين وٺنداسين، ڇو تہ اسان جو ورثو اردن درياءَ جي هِن ڀر اوڀر طرف اسان کي ملي چڪو آهي.“


تڏهن جد ۽ روبن قبيلي وارن جواب ڏنو تہ ”جيئن خداوند فرمايو آهي، تيئن ئي اسين توهان جا ٻانها ڪنداسين.


تڏهن موسيٰ امورين جي بادشاهہ سيحون ۽ بسن جي بادشاهہ عوج جا ملڪ شهرن ۽ ٻهراڙيءَ سميت جد ۽ روبن قبيلن ۽ يوسف جي پٽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ڏيئي ڇڏيا.


انهن اڍائي قبيلن کي يريحو شهر جي سامهون اردن درياءَ جي اورينءَ ڀر اوڀر طرف سندن ورثو ملي چڪو آهي.“


هن ڪتاب ۾ اهي ڳالهيون بيان ڪيل آهن جيڪي موسيٰ بني اسرائيل کي ان وقت چيون، جڏهن اهي اردن درياءَ جي اوڀر طرف اردن ماٿريءَ ۾ سوف جي سامهون هئا ۽ انهن جي هڪ پاسي فاران شهر هو تہ ٻئي پاسي طوفل، لابن، حصيرات ۽ ديذهب شهر هئا.


اسان انهن جو ملڪ هٿ ڪري، اهو بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ڏنو.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”سو انهيءَ وقت ئي اسان اهو ملڪ پنهنجي قبضي ۾ آندو. پوءِ عروعير، جيڪو برساتي نهر ارنون جي ڪناري تي آهي، جابلو علائقي جِلعاد جو ڏاکڻو اڌ حصو ۽ انهيءَ جا شهر، مون بني روبن ۽ بني جد کي ڏنا.


هاڻ جيڪو علائقو اردن درياءَ جي اوڀر طرف برساتي نهر ارنون کان وٺي اتر ۾ حرمون جبل تائين هو ۽ اوڀر واري سڄي اردن ماٿري، جنهن تي بني اسرائيل قبضو ڪري ورتو هو، تنهن جي ٻن بادشاهن کي بني اسرائيل شڪست ڏيئي سندن ملڪ هٿ ڪيا هئا.


خداوند جي ٻانهي موسيٰ ۽ بني اسرائيل انهن ٻنهي بادشاهن کي شڪست ڏني ۽ موسيٰ انهن جو ملڪ بني روبن، بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ورهائي ڏنو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan