Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 32:29 - Muslim Sindhi Bible

29 ”جيڪڏهن جد ۽ روبن قبيلي وارن مان هر ڪو مرد ماڻهو هٿيار ٻڌي خداوند جي نگهبانيءَ هيٺ اوهان سان گڏ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر جنگ تي هلي تہ جڏهن انهيءَ ملڪ تي اوهان جو قبضو ٿي وڃي، تڏهن اوهين جِلعاد جو علائقو انهن کي ملڪيت ڪري ڏجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

29 ۽ موسيٰ انهن کي چيو، تہ جيڪڏهن بني جد ۽ بني روبن مان هرڪو مرد ماڻهو هٿيار ٻڌي خداوند جي حضور ۾ اوهان سان گڏ يردن جي پرئين ڀر جنگ تي وڃي، ۽ اهو ملڪ اوهان جي قبضي ۾ اچي؛ تہ پوءِ اوهين جلعاد جو ملڪ انهن کي موروثي ملڪيت ڪري ڏجو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 32:29
10 Iomraidhean Croise  

پر اسين پاڻ هٿيار ٻڌي، تيار ٿي بني اسرائيل جي اڳيان هلنداسين، جيستائين اسين هنن کي سندن جاءِ تائين نہ پهچايون. تنهن وچ ۾ اسان جا ٻار ٻچا ڪوٽن وارن شهرن ۾ رهندا، جيئن هتي جي رهاڪن کان محفوظ رهن.


پوءِ موسيٰ اليعزر ڪاهن، نون جي پٽ يشوع ۽ بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن کي انهن بابت هي حڪم ڏنو تہ


پر جيڪڏهن اهي هٿيار ٻڌي اوهان سان گڏ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر نہ هلن، تہ پوءِ انهن کي ڪنعان جي ئي ملڪ ۾ اوهان سان ورثو ملندو.“


خداوند جي ٻانهي موسيٰ ۽ بني اسرائيل انهن ٻنهي بادشاهن کي شڪست ڏني ۽ موسيٰ انهن جو ملڪ بني روبن، بني جد ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي ورثي طور ورهائي ڏنو.


انهيءَ ۾ جِلعاد، جسُورين ۽ معڪاتين جا علائقا، سڄو حرمون جبل ۽ سلڪہ تائين سڄو بسن شامل آهن.


موسيٰ باقي اڍائي قبيلن کي اڳ ۾ ئي اردن درياءَ جي اوڀر طرف سندن ورثو ڏيئي ڇڏيو هو، جن ۾ منسيءَ جو اڌ قبيلو بہ هو. يوسف جو اولاد ٻن قبيلن ۾ ورهائجي ويو هو، هڪ منسي ۽ ٻيو افرائيم. موسيٰ لاوين کي انهيءَ ملڪ ۾ ٻين قبيلن سان گڏ ڪوبہ ورثو ڪونہ ڏنو، سواءِ سندن رهڻ لاءِ شهرن جي ۽ انهن پسگرداين جي جتي سندن رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جي لاءِ چارو هو.


پر لاوين کي اوهان سان گڏ حصو نہ ملندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي ڪهانت هنن جو ورثو آهي. ان کان علاوہ جد، روبن ۽ منسيءَ جي اڌ قبيلي کي پنهنجو ورثو اردن درياءَ جي هن ڀر اوڀر طرف اڳي ئي ملي چڪو آهي. خداوند جي ٻانهي موسيٰ کين اهو ڏنو هو.“


تڏهن بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي وارا پنهنجن گھرن ڏانهن موٽيا. ٻين بني اسرائيل وارن کي ڪنعان ملڪ جي سيلا شهر ۾ ڇڏي هو پنهنجي ملڪ جِلعاد ڏانهن روانا ٿيا، جيڪو خداوند جي حڪم موجب موسيٰ جي معرفت کين ملڪيت ٿي مليو هو.


تولع کان پوءِ يائير جِلعادي اٿيو، جيڪو ٻاويهہ سال بني اسرائيل جو رهبر رهيو.


پوءِ سائول دائود کي چيو تہ ”ڏس، آءٌ پنهنجي وڏي ڌيءَ ميرب تو کي پرڻائي ٿو ڏيان. پر تون رڳو منهنجي لاءِ بهادريءَ جا ڪم ڪر ۽ خداوند لاءِ جنگيون وڙهندو رهہ.“ سائول سوچيو ٿي تہ ”دائود منهنجي هٿان نہ، پر ڀلي تہ هو فلستين جي هٿان ماريو وڃي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan