Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 32:23 - Muslim Sindhi Bible

23 پر جيڪڏهن اوهين ائين نہ ڪندا تہ ياد رکو تہ اوهين خداوند جا گنهگار ٿيندا ۽ يقين ڄاڻو تہ اوهان جو گناهہ اوهان کي پڪڙائيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

23 پر جيڪڏهن اوهين ائين نہ ڪندا، تہ ڏسو، اوهين خداوند جا گنهگار ٿيندا: ۽ يقين ڄاڻجو، تہ اوهان جو گناهہ اوهان کي جهليندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 32:23
21 Iomraidhean Croise  

سدوم شهر جا ماڻهو خداوند جي نظر ۾ بدڪار ۽ وڏا گنهگار هئا.


جيڪڏهن تون صحيح ڪم ڪرين ها تہ آءٌ تنهنجو نذرانو قبول ڪريان ها. پر جيئن تہ تو صحيح ڪم نہ ڪيو آهي، سو خبردار متان تون هاڻي گناهہ ۾ ڦاسي پوين. گناهہ تو کي جھڪائڻ چاهي ٿو پر تون ضرور مٿس غالب پئُہ.“


تنهن تي يهوداہ چيو تہ ”اسين پنهنجي آقا کي ڇا چئون ۽ ڇا ڳالهايون؟ ڪيئن اسين پنهنجي صفائي پيش ڪريون؟ خدا اوهان جي ٻانهن جي برائي پڪڙي ورتي. هاڻي اسين ۽ اهو بہ، جنهن وٽان پيالو نڪتو آهي سي سڀ پنهنجي آقا جا غلام آهيون.“


جيتوڻيڪ آءٌ مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ آهيان، تڏهن بہ اڄوڪي ڏينهن آءٌ ڪمزور آهيان. جڏهن تہ هي قاتل، ضروياہ جا پٽ مون کان ڏاڍا آهن. خداوند شل بڇڙائي ڪندڙ کي سندس بڇڙائيءَ موجب بدلو ڏئي.“


جيڪو رت هن وهايو هو تنهن جو کيس خداوند بدلو ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ هن منهنجي پيءُ دائود جي بي‌خبريءَ ۾ ٻن ڄڻن تي حملو ڪري کين تلوار سان ماري ڇڏيو هو. اهي ٻيئي ڄڻا، عماسا ولد يتر جيڪو بني يهوداہ جي لشڪر جو سپهہ‌سالار هو ۽ ابنير ولد نير جيڪو باقي بني اسرائيل جي لشڪر جو سپهہ‌سالار هو، سي هن کان بهتر ۽ سچار هئا.


انهيءَ طرح هنن جي خون جو گناهہ يوآب ۽ سندس اولاد جي سر تي هميشہ پوندو. پر دائود، سندس اولاد، سندس گھراڻي ۽ سندس تخت لاءِ خداوند وٽان هميشہ لاءِ سلامتي هوندي.“


جيڪڏهن آءٌ هيئن چوان تہ ”اوندهہ ضرور مون کي لڪائيندي، ۽ سوجھري جي بجاءِ رات مون کي لڪائي وٺندي،“


شال ڪو بدزبان ماڻهو هن ڌرتيءَ تي قائم نہ رهي، شال هر ظالم ماڻهو اوچتي آفت جو شڪار ٿي وڃي.


انهيءَ سبب جو تون اسان جي خطائن کي درگذر نہ ٿو ڪرين، بلڪ اسان جي ڳجھن گناهن کي بہ پنهنجي نظر ۾ رکيو اچين.


گنهگار ماڻهو جيڏانهن بہ ويندو، مصيبت سندس پٺيان هوندي. مگر سچارن کي چڱو اجر ملندو.


توڙي جو ايماندار ماڻهو بار بار ڪِري پوي، تہ بہ هو وري اُٿي کڙو ٿيندو. مگر جڏهن بدڪار ماڻهن تي آفت اچيو ڪڙڪي، تڏهن اهي منهن ڀر وڃيو ڪرن.


بدڪارن کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون. اهي پنهنجن ئي گناهن جي ڦندن ۾ ڦاسايا ويندا.


پر ويل آهي بدڪارن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هنن جي بڇڙائي سندن آڏو ايندي. هائو، هنن جيڪي ٻين سان ڪيو آهي سو ئي ساڻن ڪيو ويندو.


اي خداوند! اسان جون بدڪاريون تو آڏو گھڻيون وڌي ويون آهن. اسان جا اهي گناهہ اسان جي خلاف شاهدي ٿا ڏين، جيڪي اسان کان ڪونہ ٿا وسرن. هائو، اسين پنهنجي بدڪارين کان پوريءَ طرح واقف آهيون.


انهيءَ کان پوءِ ملاحن هڪٻئي کي چيو تہ ”اچو تہ اسين ڪُڻا وجھي ڏسون تہ ڪنهن جي ڪري هيءَ آفت اسان تي آئي آهي.“ تڏهن هنن ڪڻا وڌا ۽ ڪُڻي ۾ يونس جو نالو نڪتو.


بيشڪ جيڪي بڇڙا ڪم ڪن ٿا تن سڀني تي مصيبت ۽ تڪليف نازل ٿيندي، نہ رڳو يهودين تي جيڪي پهريائين چونڊيا ويا، بلڪ غير قومن تي بہ.


تنهنڪري خداوند عيسيٰ جي اچڻ تائين ترسو ۽ مقرر وقت کان اڳي ڪنهن بہ ڳالهہ جو فيصلو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي اوندهہ ۾ لڪل ڳالهيون روشنيءَ ۾ آڻيندو ۽ ماڻهن جي دلين جا منصوبا ظاهر ڪندو. تڏهن خدا جي طرفان هر مناسب سوچ رکندڙ جي تعريف ڪئي ويندي.


هن زبديءَ جي ڪٽنب کي ماڻهو ماڻهو ڪري اڳتي آندو تہ ڪرميءَ جو پٽ، زبديءَ جو پوٽو ۽ زارح جي گھراڻي مان عڪن، جيڪو يهوداہ قبيلي جو هو سو ڪڍي ڌار ڪيو ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan