Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 32:22 - Muslim Sindhi Bible

22 پوءِ جڏهن اهو ملڪ خداوند جي آڏو قبضي ٿي وڃي، تنهن کان پوءِ اوهين ڀلي هتي موٽي اچو. تڏهن اوهين خداوند ۽ بني اسرائيل جي جنگي فرض کان آجا رهندا ۽ اردن درياءَ جي اوڀر طرف وارو هيءُ ملڪ خداوند جي طرفان اوهان کي ملڪيت ٿي ملندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 ۽ ملڪ خداوند جي حضور ۾ جيتجي وڃي؛ تنهن کان پوءِ اوهين موٽي اچو، تہ پوءِ اوهين خداوند جي حضور ۾، ۽ اسرائيل جي اڳيان بي قصور ٺهربا، ۽ هي ملڪ خداوند جي حضور ۾ اوهان کي موروثي ملڪيت ٿي ملندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 32:22
17 Iomraidhean Croise  

پوءِ جڏهن دائود اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن چيائين تہ ”آءٌ ۽ منهنجي بادشاهت ابنير ولد نير جي خون کان هميشہ جي لاءِ خداوند جي آڏو بي‌ڏوها آهيون.


هن اتي رهندڙ قومن کي سندن اڳيان ڀڄائي ڪڍيو، ۽ انهن جي زمين بني اسرائيل جي قبيلن ۾ ورهائي ڇڏيائين. هائو، هن بني اسرائيل کي انهن جي گھرن ۾ آباد ڪيو.


”جڏهن اوهين ڪنعان جي ملڪ ۾ داخل ٿيو، جيڪو آءٌ اوهان کي ملڪيت ڪري ڏيڻ وارو آهيان ۽ جڏهن اوهان جي انهيءَ ملڪ جي ڪنهن گھر ۾ آءٌ سينور جو مرض وجھان،


۽ اوهين سڀيئي هٿياربند تيستائين اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر موجود رهو، جيستائين خداوند پنهنجي دشمنن کي اتان ڀڄائي نہ ڪڍي،


جڏهن خداوند اوهان جي قوم وارن کي بہ اهڙو ئي آرام ڏئي، جهڙو اوهان کي ڏنو اٿس ۽ هو بہ انهيءَ ملڪ کي هٿ ڪن، جيڪو خداوند اوهان جو خدا هنن کي اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر ڏيڻ وارو آهي، تڏهن اوهين سڀ موٽي پنهنجي هن ملڪيت تي اچجو، جيڪا مون اوهان کي ڏني آهي.‘


جيستائين خداوند اوهان جو خدا انهن کي بہ آرام سان رهائي جيئن اوهان کي رهايو اٿس، يعني جيستائين هو انهيءَ ملڪ تي قبضو ڪن جيڪو خداوند اوهان جو خدا هنن کي ڏيڻ وارو آهي. تنهن کان پوءِ اهي ڀلي موٽي اچي هتي اردن درياءَ جي اوڀر طرف پنهنجي علائقي ۾ رهن، جيڪو خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي ڏنو آهي.“


خداوند اهو شهر بہ انهيءَ جي بادشاهہ سميت بني اسرائيل جي هٿ ۾ ڏنو. جيڪي ماڻهو انهيءَ منجھہ هئا تن سڀني کي يشوع تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائين. يشوع انهيءَ شهر جي بادشاهہ سان بہ ائين ئي ڪيو جيئن يريحو شهر جي بادشاهہ سان ڪيو هئائين.


اهي سڀ بادشاهہ ۽ انهن جا علائقا، يشوع هڪڙي ئي ڦيري ۾ قبضي ڪيا، ڇاڪاڻ تہ خداوند، بني اسرائيل جو خدا انهن پاران وڙهيو پئي.


اهڙيءَ طرح يشوع سڄو ملڪ قبضي ڪري ورتو، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو. يشوع اهو بني اسرائيل کي سندن قبيلن موجب ورثي طور ورهائي ڏنو. پوءِ ملڪ کي جنگ کان آرام مليو.


منسيءَ جي ٻئي اڌ قبيلي، بني روبن ۽ بني جد کي اڳ ۾ ئي ورثو ملي چڪو هو جيڪو خداوند جي ٻانهي موسيٰ کين اردن درياءَ جي اوڀر طرف ڏنو هو.


بني اسرائيل جي سڄي قوم سيلا شهر ۾ اچي گڏ ٿي ۽ اتي خدا سان ملاقات وارو خيمو کوڙيائون. انهيءَ ملڪ تي تہ بني اسرائيل قبضي ڪري چڪا هئا،


جيڪو بہ تنهنجي گھر مان نڪري ٻاهر ايندو تہ انهيءَ جو خون انهيءَ مٿان هوندو ۽ اسان جي جوابداري نہ رهندي، پر تنهنجي گھر اندر جيڪڏهن ڪنهن کي ڪجھہ ٿيو تہ اها اسان جي جوابداري هوندي.


خداوند اوهان جي خدا هاڻ اوهان جي بني اسرائيل جي انهن قبيلن کي آرام ڏنو آهي، جيئن هن ساڻن واعدو ڪيو هو. سو هاڻي اوهين ڀلي پنهنجن گھرن ڏانهن انهيءَ ملڪ ۾ موٽي وڃو جيڪو موسيٰ اوهان کي اردن درياءَ جي اوڀر طرف ملڪيت ڪري ڏنو هو.


تڏهن بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي وارا پنهنجن گھرن ڏانهن موٽيا. ٻين بني اسرائيل وارن کي ڪنعان ملڪ جي سيلا شهر ۾ ڇڏي هو پنهنجي ملڪ جِلعاد ڏانهن روانا ٿيا، جيڪو خداوند جي حڪم موجب موسيٰ جي معرفت کين ملڪيت ٿي مليو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan