Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 32:15 - Muslim Sindhi Bible

15 اي روبن ۽ جد قبيلي وارؤ! ياد رکو، جيڪڏهن اوهين هن جي تابعداريءَ کان ڦرندءُ تہ هو وري بہ پوري قوم کي بيابان ۾ ڇڏي ڏيندو ۽ اوهين ئي انهن سڀني جي تباهيءَ جو سبب بڻبئُہ.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 ڇالاءِ تہ جيڪڏهن اوهين هن جي تابعداريءَ کان ڦرندا، تہ هو وري بہ هنن کي بيابان ۾ ڇڏي ڏيندو؛ ۽ اوهين هنن سڀني ماڻهن کي برباد ڪندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 32:15
14 Iomraidhean Croise  

تڏهن هو ٻاهر نڪري وڃي بادشاهہ آسا ۽ يهوداہ ۽ بنيامين قبيلي وارن سان مليو ۽ کين چيائين تہ ”اي آسا! اي سڀيئي يهوداہ ۽ بنيامين وارؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهين خداوند سان هوندا تہ پوءِ خداوند بہ توهان ساڻ هوندو. جيڪڏهن اوهين انهيءَ جا طالبو ٿيندا تہ هو بہ اوهان تي راضي ٿيندو. پر جيڪڏهن اوهين هن کي ڇڏي ڏيندا تہ هو بہ اوهان کي ڇڏي ڏيندو.


پوءِ تنهنجيون سڀ زالون ۽ ٻار بابلين وٽ آندا ويندا. تون پاڻ بہ انهن کان بچي ڪين نڪرندين ۽ هي شهر ساڙيو ويندو.“


تڏهن اهي موسيٰ جي ويجھو اچي چوڻ لڳا تہ ”اسين هتي پنهنجي چوپائي مال لاءِ واڙا ۽ ٻارن ٻچن لاءِ شهر ٻڌنداسين.


حيف آهي هن دنيا تي، جنهن جون شيون ماڻهن کي گمراهہ ٿيون ڪن. ماڻهو گمراهہ تہ ضرور ٿيندو پر مصيبت آهي اُن ماڻهوءَ لاءِ جنهن جي وسيلي اهو گمراهہ ٿئي ٿو.


سو جيڪڏهن تنهنجي ڪجھہ کائڻ ڪري تنهنجي ڪنهن ڀاءُ ڀيڻ کي رنج پهچي ٿو تہ پوءِ تون پيار جي اصولن تي نہ ٿو هلين. تون پنهنجي کاڌي جي ڪري انهيءَ شخص کي برباد نہ ڪر، جنهن جي خاطر مسيح پنهنجي جان ڏني آهي.


هو جِلعاد جي ملڪ ۾ بني روبن، بني جد ۽ بني منسيءَ جي اڌ قبيلي وٽ آيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan