Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 32:14 - Muslim Sindhi Bible

14 هاڻي وري اوهين گنهگارن جي نئين پيڙهي پنهنجن ابن ڏاڏن جي جاءِ تي اٿيا آهيو، تہ جيئن خداوند بني اسرائيل تي اڃا وڌيڪ ڪاوڙجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 ۽ ڏسو اوهين جي گنهگارن جو اولاد آهيو، سي پنهنجن ابن ڏاڏن جي جاءِ تي اُٿيا آهيو؛ انهي لاءِ تہ خداوند بني اسرائيل تي اڃا بہ وڌيڪ ڪاوڙجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 32:14
19 Iomraidhean Croise  

جڏهن آدم هڪ سؤ ٽيهن سالن جو ٿيو تہ کيس پنهنجي صورت تي پاڻ جهڙو هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو سيت رکيائين.


قربانيءَ جي خوشبوءِ پهچڻ سان خداوند ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ چيائين تہ ”آءٌ انسان جي ڪري ڌرتيءَ کي وري وڌيڪ لعنتي نہ ڪندس. جيتوڻيڪ انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان برائيءَ ڏانهن راغب آهي، تنهن هوندي بہ وري ڪڏهن بہ سڀني ساهوارن کي نہ ماريندس، جيئن هاڻي ماريو اٿم.


هنن کين چيو تہ ”انهن قيدين کي هيڏانهن نہ وٺي اچو، نہ تہ اسان خداوند جي آڏو قصوروار ٿينداسين. ڇا اوهين اسان جي قصورن ۽ گناهن کي وڌائڻ گھرو ٿا؟ اسان جو قصور تہ اڳ ۾ ئي وڏو آهي ۽ خدا جو غضب اسان جي ملڪ اسرائيل تي ڀڙڪڻ وارو آهي.“


تڏهن عزرا ڪاهن اُٿي بيٺو ۽ کين چوڻ لڳو تہ ”اوهان ڌارين عورتن سان پرڻجي گناهہ ڪيو آهي ۽ اهڙيءَ طرح بني اسرائيل جي گناهن ۾ اضافو ڪيو اٿوَ.


اوهان جي ابن ڏاڏن بہ تہ ائين ئي ڪيو هو، جنهن ڪري اسان جي خدا اسان تي ۽ هن شهر تي بيحد مصيبت آندي. هاڻي اوهين سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪري بني اسرائيل تي خدا کي وڌيڪ ڪاوڙايو ٿا.“


جهڙيءَ طرح ناپاڪ شيءِ منجھان پاڪ شيءِ نہ ٿي ڪڍي سگھجي، تهڙيءَ طرح ناپاڪ انسان مان ڪا پاڪ شيءِ ڪيئن ٿي نڪري سگھي؟


بلڪ پنهنجن ابن ڏاڏن وانگر هو ڦِري بي‌وفا ٿيا. هائو، اڻ‌سڌي تير جيان اهي دوکو ڏيندڙ هٽي ٻئي پاسي ٿيا.


اي گنهگار ۽ خطائن سان ڀريل قوم! اي بدڪار ۽ خراب ڪم ڪندڙ نسل! ويل آهي اوهان جي لاءِ! جو اوهان خداوند کي ڇڏي ڏنو آهي. اوهان بني اسرائيل جي پاڪ معبود کي حقير ڄاتو آهي، ۽ کانئس پٺيرا ٿي ويا آهيو.


اوهين ڪنهن تي ٺٺوليون ٿا ڪريو؟ اوهين ڪنهن تي ايڏو وات پٽيو ٿا ۽ زبان ڪڍو ٿا؟ اوهين تہ پاڻ بدڪار ۽ ڪوڙا آهيو.


پر سندن نوجوان نسل بہ مون سان بغاوت ڪئي. هو منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليا، نڪي منهنجي حڪمن کي مڃيندي انهن تي عمل ڪيائون، جن تي جيڪڏهن ڪو انسان عمل ڪري تہ جيئرو رهي ٿو سگھي. هنن منهنجي سبت جي ڏينهن جي بي‌حرمتي ڪئي. تڏهن مون فيصلو ڪيو تہ انهن تي پنهنجو قهر ۽ غضب نازل ڪري بيابان ۾ ئي کين چٽ ڪري ڇڏيان.


اي روبن ۽ جد قبيلي وارؤ! ياد رکو، جيڪڏهن اوهين هن جي تابعداريءَ کان ڦرندءُ تہ هو وري بہ پوري قوم کي بيابان ۾ ڇڏي ڏيندو ۽ اوهين ئي انهن سڀني جي تباهيءَ جو سبب بڻبئُہ.“


انهن قبن ٺاهڻ سان اوهين پنهنجن ابن ڏاڏن جي گناهن جي حمايت ڪندي ڄڻ شاهدي ٿا ڏيو تہ جيڪي قتل انهن ڪيا سي اوهان کي قبول آهن.


جنهن ڏينهن کان منهنجي اوهان سان واقفيت ٿي آهي، تنهن ڏينهن کان اوهين خداوند جي خلاف بغاوت ڪندا ٿا اچو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan