ڳاڻاٽو 32:13 - Muslim Sindhi Bible13 سو خداوند کي بني اسرائيل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ هن کين چاليهہ سال بيابان ۾ هيڏانهن هوڏانهن رلايو جيستائين انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ ماڻهو جن خداوند جي نظر ۾ برائي ڪئي هئي، سي مري کپي نہ ويا. Faic an caibideilSindhi Bible13 ۽ خداوند کي بني اسرائيل تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، ۽ هن کين چاليهہ ورهيہ بيابان ۾ هيڏانهن هوڏانهن رلايو، جيسين ڪ انهيءَ پيڙهيءَ جا سڀ ماڻهو، جن خداوند جي نظر ۾ برائي ڪئي هئي، سي نابود ٿي ويا. Faic an caibideil |
اي اسرائيل وارؤ! حالانڪ مون ئي اوهان جي وڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، ۽ چاليهن سالن تائين بيابان ۾ سندن رهنمائي ڪيم. اوهان جي وڏن ڏٺو تہ مون ڪيئن انهن امورين کي ناس ڪري ڇڏيو، جيڪي ديال جي وڻ جيڏا قداور، ۽ شاهہبلوط جي وڻ جهڙا مضبوط هئا. هائو، مون مٿان کان سندن ميوو، ۽ هيٺان سندن پاڙون ناس ڪري ڇڏيون، انهيءَ لاءِ تہ اوهين امورين جي ملڪ جا وارث ٿيو.