ڳاڻاٽو 31:6 - Muslim Sindhi Bible6 موسيٰ اليعزر ڪاهن جي پٽ فينحاس کي انهن سان گڏ جنگ تي موڪليو، جنهن عبادتگاهہ جا مخصوص ٿيل ٿانوَ ۽ اشاري ڏيڻ لاءِ توتارا پاڻ سان کنيا. Faic an caibideilSindhi Bible6 ۽ موسيٰ هرهڪ قبيلي منجهان هڪ هزار ماڻهن کي جنگ تي موڪليو، ۽ اليعزر ڪاهن جي پٽ فنيحاس کي بہ، عبادتگاهہ جا ٿانو ۽ وڏي آواز واريون تُريون ڏيئي، انهن سان گڏ جنگ تي روانو ڪيائون. Faic an caibideil |
تڏهن اورياہ دائود کي وراڻيو تہ ”يهوداہ بلڪ سڄي بني اسرائيل جا ماڻهو ۽ عهد واري صندوق جنگ جي ميدان ۾ هجي، منهنجو سپهہسالار يوآب ۽ منهنجي آقا بادشاهہ جا سالار کُليل ميدان تي منزل ڪيو لٿا پيا هجن ۽ آءٌ پنهنجي گھر وڃي کاوان، پيئان ۽ پنهنجيءَ زال سان وڃي سمهان؟ هرگز نہ، اوهان جي سر جو ۽ اوهان جي جان جو قسم آهي تہ مون کان اهو ڪم ڪين ٿيندو.“