تڏهن خداوند جِدعون کي چيو تہ ”جيڪي ماڻهو تو سان گڏ آهن سي ايترا تہ گھڻا آهن جو آءٌ مديانين کي انهن جي هٿ ۾ ڏيڻ نہ ٿو گھران. متان بني اسرائيل منهنجي اڳيان ٻٽاڪ هڻي چون تہ ’اسان پنهنجي طاقت سان پاڻ کي ڇڏايو آهي.‘
يونتن پنهنجي هٿياربردار جوان کي وري چيو تہ ”اچ تہ هنن اڻطهريلن جي پهريدارن ڏانهن هلون. من خداوند اسان جي لاءِ ڪم ڪري، ڇاڪاڻ تہ ڇڏائڻ جي لاءِ خداوند کي گھڻن يا ٿورن جي ڪابہ رڪاوٽ ڪانهي.“