Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 31:3 - Muslim Sindhi Bible

3 سو موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين پاڻ مان ڪن کي هٿيار ٻڌائي مديانين سان جنگ ڪرڻ لاءِ تيار ڪريو، تہ جيئن هو مديانين کان خداوند جو وير وٺن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ موسيٰ ماڻهن کي چيو، تہ اوهين پاڻ مان ڪن کي هٿيار ٻڌائي، جنگ جي لاءِ تيار ڪريو تہ هو مديان تي ڪاهہ ڪن، ۽ خداوند جي لاءِ مديانين کان وير وٺن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 31:3
12 Iomraidhean Croise  

خداوند ييهوءَ کي چيو تہ ”جيڪي منهنجي نظر ۾ چڱو هو تنهن جي تو سٺي تعميل ڪئي آهي ۽ اخي‌اب جي گھراڻي سان اهو ڪجھہ ڪيو اٿيئي جيڪي مون چاهيو پئي. تنهنڪري هاڻ، تو سان منهنجو واعدو آهي تہ تنهنجي اولاد مان چوٿين پيڙهيءَ تائين اسرائيل جي تخت تي ڪونہ ڪو ويهندو ايندو.“


تون پنهنجي مالڪ اخي‌اب جي گھراڻي کي تباهہ ڪندين. اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي ٻانهن نبين ۽ پنهنجي ٻين سڀني ٻانهن جي خون جو بدلو وٺندس، جيڪو ايزبل جي هٿان ٿيو هو.


موسيٰ چيو تہ ”عماليقين خداوند جي تخت جي برخلاف هٿ کنيو هو، سو خداوند ساڻن پيڙهي بہ پيڙهي جنگ ڪندو رهندو.“


اهو ڏينهن خداوند قادرِمطلق خدا جو ڏينهن آهي، اهو بدلو وٺڻ جو ڏينهن آهي. انهي ڏينهن هو پنهنجي دشمنن کي سزا ڏيندو. سندس تلوار دشمنن کي ڳڙڪائي ڍءُ ڪندي، ايستائين جو اها هنن جو رت پيئندي پيئندي مست ٿي پوندي. انهيءَ سبب جو خداوند، قادرِمطلق خدا اتر واري ملڪ بابل ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هڪڙي قرباني پيش ڪندو.


بابل جا جيڪي ماڻهو ڀڄي اچي يروشلم ۾ پناهہ وٺندا سي ٻڌائيندا تہ خداوند خدا ڪيئن نہ بابلين کان پنهنجو بدلو ورتو آهي جن سندس هيڪل کي تباهہ ڪيو هو.


ٻڌل عهد کي ٽوڙڻ جي سزا ڏيڻ لاءِ آءٌ اوهان جي مٿان جنگ موڪليندس. پر جيڪڏهن اوهين بچاءَ لاءِ پنهنجن شهرن ۾ وڃي گڏ ٿيندا، تہ آءٌ اوهان منجھہ وبا موڪليندس ۽ پوءِ اوهين پنهنجي دشمنن جي حوالي ڪيا ويندا.


”هارون ڪاهن جي پوٽي، اليعزر جي پٽ فينحاس جيڪي ڪيو آهي، تنهن سبب بني اسرائيل تان منهنجي ڪاوڙ ٽري ويئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي هنن مان منهنجي غيرت جي ڪري غيرتمند ٿيو. اهو ئي سبب آهي جو مون بني اسرائيل کي پنهنجي غيرت سببان برباد نہ ڪيو.


اهو عهد هن سان ۽ هن کان پوءِ سندس اولاد سان هميشہ جي ڪهانت جو عهد آهي، ڇاڪاڻ تہ هن مون پنهنجي خدا جي خاطر غيرت ڪئي ۽ بني اسرائيل جي لاءِ ڪفارو ادا ڪيائين.“


اوهين بني اسرائيل جي هر هڪ قبيلي منجھان هڪ هزار ماڻهو جنگ ۾ موڪليو.“


”خداوند جي واکاڻ ڪريو. جڏهن بني اسرائيل جي پيشوائن عوام جي اڳواڻي ڪئي، تڏهن ماڻهو خوش خوش ڀرتي ٿيا.


خداوند جي ملائڪ چيو تہ ’ميروز ڳوٺ تي لعنت هجي، هائو، ميروز جي رهاڪن تي بي‌شمار لعنت هجي.‘ انهيءَ سبب جو هنن خداوند جو ساٿ ڪين ڏنو، جڏهن هن زورآورن سان جنگ ٿي ڪئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan