Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 30:8 - Muslim Sindhi Bible

8 پر جيڪڏهن سندس مڙس اهو ٻڌي ۽ انهيءَ کي رد ڪري، تہ پوءِ هوءَ تڪڙ ۾ باسيل پنهنجي باس يا خاص فرض پورو نہ ڪري. خداوند کيس ڇڏي ڏيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 پر جيڪڏهن سندس مڙس جنهن ڏينهن اهو ٻڌي، انهي ڏينهن کيس منع ڪري؛ تہ هن ڄڻ تہ پنهنجيءَ زال جون مڃتائون ۽ خاص فرض، جن لاءِ هن تڪڙ ڪري پاڻ کي ٻڌل رکيو هو، سي رد ڪري ڇڏيا: ۽ خداوند هن کي معافي ڏيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 30:8
10 Iomraidhean Croise  

خدا عورت کي چيو تہ ”آءٌ تنهنجي ويم جي سورن کي گھڻو وڌائيندس. سورن سان تون ٻار ڄڻيندينءَ. پنهنجي مڙس ڏانهن تنهنجو چاهہ ٿيندو ۽ هو تو تي حڪمراني ڪندو.“


انهن ۾ موجود عورتن وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن اسان آسمان جي انهيءَ راڻي ديويءَ لاءِ قربانيون پيش ڪنديون هيونسين ۽ انهيءَ لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽينديون هيونسين، تڏهن اسان جا مرد بہ انهيءَ ۾ راضي هئا تہ اسين ان جي لاءِ سندس شڪل واريون لوليون پچايون ۽ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيون.“


يا جيڪڏهن ڪو ماڻهو بنا سوچڻ سمجھڻ جي نيڪي يا بدي ڪرڻ لاءِ ڪوبہ قسم کڻي ٿو وجھي، جنهن ڳالهہ جي کيس خبر نہ ٿي رهي، تہ پوءِ جڏهن کيس اها معلوم ٿئي تڏهن هو اهڙيءَ ڳالهہ جو ڏوهاري ٿيندو.


پر جيڪڏهن سندس پيءُ جنهن ڏينهن اهو ٻڌي کيس منع ڪري، تہ پوءِ هوءَ پنهنجي باس يا خاص فرض پورو نہ ڪري. خداوند کيس ڇڏي ڏيندو ڇو تہ سندس پيءُ کيس موڪل نہ ڏني.


پوءِ سندس مڙس انهيءَ باس يا خاص فرض جي باري ۾ ٻڌي، پر ڪجھہ بہ نہ چويس، تہ جا باس باسي هئائين يا جنهن خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ عهد ڪيو هئائين، سو پورو ڪري.


پر رن‌زال يا طلاق‌شدہ عورت کي پنهنجي باس يا خاص فرض جنهن جي ادا ڪرڻ لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هوندو، سو پورو ڪرڻو آهي.


عورتن کي ڪليسيائن جي گڏجاڻين ۾ مداخلت ڪرڻ جي اجازت نہ آهي، بلڪ اهي تابعداري ڪندي خاموش رهن. اهو ئي شريعت ۾ بہ فرمايل آهي.


زال پنهنجي جسم جي مالڪياڻي نہ آهي، بلڪ سندس مڙس آهي. ساڳيءَ طرح مڙس بہ پنهنجي جسم جو مالڪ نہ آهي، بلڪ سندس زال آهي.


سندس مڙس القانہ چيس تہ ”ٺيڪ آهي. جيئن تون مناسب سمجھين تيئن ڪر. ڀلي ٻار جي ٿڃ ڇڏائڻ تائين تون گھر ۾ ترس. شل خداوند پنهنجو سخن پورو ڪري.“ سو حنہ گھر ۾ ترسي پيئي ۽ ٿڃ ڇڏائڻ تائين ٻار جي پالنا ڪندي رهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan