Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 30:3 - Muslim Sindhi Bible

3 جڏهن ڪا ڪنواري ڇوڪري پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رهندي خداوند آڏو ڪا باس يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکڻ جو عهد ڪري

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ جيڪڏهن ڪا زال خداوند جي حضور ۾ ڪا مڃتا مڃي، ۽ ننڍيءَ وهيءَ ۾ پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ رهندي، ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکي؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 30:3
10 Iomraidhean Croise  

نبوڪدنضر کان صدقياہ بادشاهہ بہ بغاوت ڪئي جنهن کيس پاڻ سان وفادار رهڻ لاءِ خدا جو قسم کڻايو هو. هن پنهنجو ڳاٽ اوچو رکيو ۽ اهڙو تہ پٿر دل ٿي پيو جو خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڏانهن بہ لاڙو نہ ڪيائين.


مون آڏو قربانيءَ طور اوهين شڪرگذاري پيش ڪريو. مون خدا تعاليٰ آڏو اوهين پنهنجيون باسون پوريون ڪريو.


بني اسرائيل لاءِ هي حڪم فرمايو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو خاص باس باسي ڪنهن انسان کي مون خداوند جي لاءِ وقف ٿو ڪري تہ انهيءَ انسان جي ڇڏائڻ لاءِ مقرر ڪيل قيمت ادا ڪرڻي پوندي.


”جڏهن ڪو ماڻهو خداوند آڏو ڪا باس باسي يا ڪو خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ پاڻ کي ٻڌل رکڻ جو قسم تي عهد ڪري، تہ پوءِ هو پنهنجو قول نہ ڀڃي، بلڪ جيڪي زبان مان نڪتو هجيس سو پورو ڪري.


۽ سندس پيءُ انهيءَ باس يا خاص فرض جي باري ۾ ٻُڌي، پر ڪجھہ بہ نہ چويس، تہ جا باس باسي هئائين يا جنهن خاص فرض ادا ڪرڻ لاءِ عهد ڪيو هئائين سو پورو ڪري.


”بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’جيڪڏهن ڪو مرد يا عورت ناذير ٿيڻ يعني پاڻ کي مون خداوند لاءِ وقف ڪرڻ خاطر خاص باس باسي،


عورتن کي ڪليسيائن جي گڏجاڻين ۾ مداخلت ڪرڻ جي اجازت نہ آهي، بلڪ اهي تابعداري ڪندي خاموش رهن. اهو ئي شريعت ۾ بہ فرمايل آهي.


پر بني اسرائيل انهن تي حملو نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ قوم جي اڳواڻن انهن سان خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو قسم کنيو هو. انهيءَ ڪري سڀ ماڻهو انهيءَ بابت اڳواڻن خلاف ڪُرڪڻ لڳا.


جڏهن هن انهيءَ کي ڏٺو تڏهن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي چيائينس تہ ”هاءِ! اي منهنجي ڌيءَ! تو مون کي ڏاڍو ڏکائي وڌو، ٻين وانگر تون تہ مون کي ڏک نہ ڏئين ها. مون خداوند کي پنهنجي زبان ڏني آهي، جنهن کان آءٌ ڦري نہ ٿو سگھان.“


هن باس باسيندي چيو تہ ”اي قادرِمطلق خداوند! پنهنجي ٻانهيءَ جي دکي حال تي نظر ڪر، پنهنجي ٻانهيءَ کي ياد ڪر، وساري نہ ڇڏ. جيڪڏهن تون پنهنجي ٻانهيءَ کي هڪڙو پٽ عطا ڪندين تہ آءٌ انهيءَ کي سڄي حياتيءَ لاءِ تو خداوند جي وقف ڪنديس ۽ انهيءَ جي مٿي ۽ منهن تي ڪڏهن بہ پاڪي نہ گھمندي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan